“18هين ترميم جو دفاع ڪنداسين” پ پ فوجي عدالتن جي مخالفت ڪري ڇڏي، ڏکڻ پنجاب صوبو بنا دير ٺاهڻ جو مطالبو

1Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت جو اعلان ڪري ڇڏيو. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني بريفنگ ۾ چيو ته پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب کي محدود اختيارن جي خيرات نه پر مڪمل صوبو گهرجي، 18هين ترميم تي ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين، 18هين ترميم تي اسان سمورين پارٽين کان مشورا ورتا هئا، ننڍن صوبن ۾ محرومي جو احساس هيو، اسان ان کي ختم ڪيو. سندس چوڻ هو ته سڀني ميمبرن گڏجي 73ع جي آئين کي بحال ڪيو، 18هين ترميم جو دفاع ڪنداسين، 18هين ترميم خلاف وفاقي حڪومت ڪجهه ادارا واپس وٺي رهي آهي، وفاقي حڪومت جي ادارن کي واپس وٺڻ جي مذمت ڪريون ٿا. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عدالتن کي منهن ڏنو ۽ باعزت بري ٿي، نئين چيف جسٽس مان اميد آهي ته ڀٽو صاحب جو ڪيس حل ڪندو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي ترجمان فرحت الله بابر چيو ته فوري طور ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهيو وڃي، انساني حقن تي عمل لاءِ پارليامينٽ ۾ آواز اٿارينداسين، پ پ اصولن جي سياست ڪندي آهي، ڪنهن دٻاءُ ۾ ناهي ايندي، جيڪو قومي مفاد ۾ هوندو اهو ئي ڪنداسين. ان موقعي تي وڏي وزير جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، بلاول ڀٽو ۽ مراد شاهه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍي احسان ناهي ڪيو ويو، پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں