پاڪ فوج جو ايل او سي تي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب، 3 ڀارتي فوجي مارجي ويا، چيڪ پوسٽون تباهه

1Shares

راولپنڊي(م ڊ) ڀارتي فورسز پاڪستاني آبادي کي پنهنجيبنا جواز فائرنگ ۽ گولي باري جو نشانو بڻايو. پاڪستاني فوج جوابي ڪارروائي ڪندي 3 هندستاني فوجين کي ماري وڌو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر سول آبادي تي گولا وسايا. ايل او سي جي کوئي رٽا ۽ ڪوٽ قديرا سيڪٽرز ۾ بنا جواز گولي باري ڪئي وئي. وطن جي محافظن ازلي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي 3 ڀارتي فوجين کي ماري وڌو ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته چيڪ پوسٽون پڻ تباهه ڪيون ويون. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به ڀارتي فوج ڪنٽرول لائن جي کوئي رٽا سيڪٽر ۾ بنا جواز فائرنگ ڪئي ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻايو هو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فورسز جي فائرنگ سبب محمد مشتاق نالي شهري زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں