فوج ۽ حساس ادارن جي سويلين معاملن ۾ مداخلت نه هجڻ گهرجي، گم ٿيل ماڻهن جو معاملو سنگين آهي: جسٽس آصف سعيد کوسا

15Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته جج جي زندگي ۾ ڊپ جي ڪابه گنجائش ناهي، ججن جو ڪم نهايت مشڪل آهي، جڊيشري ۾ ڪرپشن انصاف جو قتل آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان پيڙهيل ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪيو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو، اسان هر شخص کي عزت سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو آهي. هن چيو ته خانگي اسپتالن جي فيس تي نوٽيس ورتو، کدڙن فقيرن لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ تي نوٽيس ورتو، طيبا سميت گهريلو ملازم ٻارڙن جو به نوٽيس ورتو، اسان تعليم ۽ صحت جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ هو ته ماڻهن جيڪا عزت ڏني اها واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان سڀ کان پهريون گلگت بلتستان جو معاملو اٿاريو، ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس ورتو، سموري قوم پاڻي لاءِ عطيا ڏنا، ٻيو مسئلو عدالت آبادي ۾ اضافي جو اٿاريو. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته 20 سالن کان وڌيڪ عدالت ۾ گذاريو، هميشه ڪوشش ڪئي ته قانون ۽ ضابطي اندر رهندي فيصلا ڏيان. چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار اڄ رٽائر ٿي رهيو آهي، سندس اعزاز ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس ٿيو. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ جي فاضل جج صاحبان، اٽارني جنرل آف پاڪستان، وڪيل تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي. چيف جسٽس چيو ته مون کي ماڻهن جيڪا عزت ڏني ان کي واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججن، ملازمن ۽ اسٽاف جو ٿورائتو آهيان. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس آصف سعيد کوسا، اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ بار جي صدر امان الله ڪنراني ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ جي نامزد چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته انصاف جي فراهمي ۾ دير ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار اتي استعمال ڪندس جتي ٻيو حل موجود نه هجي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي رٽائرمينٽ تي ٿيل فل ڪورٽ ريفرنس ۾ خطاب ڪندي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته چيف جسٽس ثاقب نثار ڏکين حالتن ۾ عدالت هلائي، هن سياسي، سماجي، معاشرتي ۽ آئيني سوڌو ڪيترين ئي ڏکين حالتن کي منهن ڏنو. هن چيو ته 20 سالن کان آهيان ۽ اسان ٻئي گڏ لاهور هاءِ ڪورٽ جا جج ٿياسين، اسان جاڙن ٻارن وانگر آهيون، جيڪي اڄ الڳ ٿي وينداسين، ڪنهن سرجري نه پر آئين تحت الڳ ٿي وينداسين. سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس ثاقب نثار جون انساني حقن بابت خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته  انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ماتحت عدليا ۾ سالن کان التوا هيٺ ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته  غير ضروري التوا کي روڪڻ لاءِ جديد اوزار استعمال ڪيا ويندا، جعلي ڪيسن خلاف ڊيم ٺاهيندس، ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ ڪيسن جو قرض لاهيندس، هن وقت عدليا ۾ 19 لک ڪيس التوا هيٺ آهن.  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته 3 هزار جج 19 لک ڪيس نه ٿا اڪلائي سگهن، مان جعلي شاهدن خلاف به ڊيم ٺاهڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين ٽرائل سموري دنيا ۾ غلط سمجهو ويندو آهي، چيو ويندو آهي ته فوجي عدالتن ۾ جلد فيصلا ٿيندا آهن، ڪوشش هوندي ته سويلين عدالتن ۾ جلد فيصلا ٿين. سندس چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ کي به پنهنجي حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي. نامزد چيف جسٽس چيو ته فوج ۽ حساس ادارن جي سويلين معاملن ۾ ڪابه مداخلت نه هجڻ گهرجي، ماضي جي دور ۾ رياستي ادارن وچ ۾ عدم اعتماد جو ماحول پيدا ڪيو ويو، ملڪي ترقي لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، جمهوري استحڪام لاءِ سمورن رياستي ادارن جو فعال هجڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن اداري ڪٿي ٻئي اداري جي ڪم ۾ مداخلت ڪئي؟ عدليا ڪٿي ٻين ادارن جي اختيارن ۾ مداخلت ڪئي، گم ٿيل ماڻهن جو معاملو سنگين آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي رڳن ۾ بلوچ رت ڊوڙي رهيو آهي، مان آخري وقت تائين وڙهندس، پارليامينٽ جو ڪم رڳو قانونسازي آهي، ترقياتي فنڊ ڏيڻ يا رڳو بدليون ۽ مقرريون ڪرڻ ناهي، صدر جي سربراهيءَ ۾ چارٽر آف گورننس تي بحث ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته چيف جسٽس ثاقب نثار جيان مان به ڊيم ٺاهڻ چاهيان ٿو ۽ مان به ان جيان ملڪ جو قرض لاهڻ چاهيان ٿو.

15Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں