اسان کي ايترو ڀت سان نه لڳايو جو عوام منهنجي هٿن مان نڪري وڃي، سوال ئي نٿو پيدا ٿئي ته عمران خان 5 سال پورا ڪري: آصف زرداري

6Shares

بدين/گولاڙچي(رپورٽ: عبداللطيف زرگر + محمد هاشم ميمڻ) پ پ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد ڀٽو – شهيد فاضل راهو ۽ شهيد راڻي جي سوچ هڪ هئي ان ڪري کين شهيد ڪرايو ويو مون سان جنگ به 18 ترميم تي آهي جئين سنڌ جي تيل ۽ گئس تي قبضو ڪيو ويو هن اهڙو اظهار راهوڪي ۾َشهيد فاضل راهو جي 32 ورسي ۾ هزارين مردن توري عورتن کي.خطاب ڪندي ڪيو. آصف زرداري وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته عمران خان حادثاتي طور وزيراعظم ٿيوآهي جنهن کي ڊالر وڌڻ جي به خبر نٿي پئي شام جو جڏهن گهر وڃي ٿو ته سندس گهرواري ٻڌائي ٿي ته تون وزيراعظم آهين هن چيو ته مون کي.ايترو ڀت سان نه لڳايو جو عوام منهنجي هٿن مان نڪري وڃي 2018“واري اليڪشن کي پنجاب سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي هن حڪومت ۾ سفيد پوش ماڻهو مهانگائي سبب سفيد پوش ماڻهو گاڏا هلائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن هن عوام کان مخاطب ٿيندي چيو ته عمران جي حڪومت 5 سال پورا نه ڪندي اوهان جا ايترا ته اسڪينڊل نڪتاآهن جنهن جو فائدو به اسان کي ٿي رهيو آهي زڪوات جا پيسا ھضم ڪرڻ سان قبر ۽ عوام حساب وٺندي 10“سالن ۾َپ پ جمهوريت ۽ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي سنڌ روڊ ٺهيا آهن آئون اڄ ڪراچي کان روڊ جي ذريعي آيو آهيان سنڌ جا روڊ ڏسي مون کي خوشي ٿي آهي پيپلز پارٽي ۽ عوام هڪ آهي جيالا دل ننڍي نه ڪن سڀ ڪجه صحيح ٿي ويندو سنڌ جووڏو وزير تعاون ڪندو ته نوڪريون به ملنديون روڊ ۽ يونيورسٽيون به ٺهنديو ۽ پاڻي جي کوٽ به ختم ڪئي ويندي  اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته توهان جي چونڊ کي ملڪ ۾ ڪوبه نٿو مڃي، هي نه عوام مان آيا آهن ۽ نه ئي هنن کي ٻيهر عوام وٽ وڃڻ جو ارادو آهي، هاڻي سليڪٽڊ وزيراعظم بڻجي ويا آهيو ته ڪجهه سکي وٺو. آصف زرداري اڳڪٿي ڪئي ته پورو پاڪستان ٻڌي وٺي، عمران خان پنج سال نٿو ڪڍي سگهي، سوال ئي پيدا نٿو ٿي سگهي، ان سڀني کي اسان سنڀالينداسين ۽ سڀني جو مقابلو ڪنداسين. آصف زرداري چيو ته ڪو شڪ ۾ به ورڪر ان کان نه ڊڄي، اسان حڪومت هلائي آهي ۽ ملڪ به هلايو آهي، ان کي اسان ئي سنڀالينداسين. هن چيو ته ڊالر مٿي وڌي رهيو آهي ۽ حڪومت کي ڄاڻ ئي ناهي، بجلي جو رڳو هڪ پئسو وڌائڻ لاءِ منهنجا وزير مون کي فون ڪندا هئا، پر هن کي خبر ئي ناهي، مون کي ڪنهن به نه چيو هو ته بلوچستان کان معافي وٺو، پر منهنجي ضمير چيو ته مون معافي ورتي. هن چيو ته جيڪڏهن ايڪسيڊينٽل وزيراعظم بڻجي ويا آهيو ته ڪجهه سوچيو ۽ سکو، سکڻ ۾ وقت ناهي لڳندو، هي سڀ ڪنهن کان لڪائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، قبر ۽ هر انساني ذات به پڇندي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ورسي جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد فاضل راهو جي جدوجهد  شهيد ذوالفقار  علي ڀٽي جي جدوجهد جو تسلسل آهي جن سوچيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي نظير ڀٽو کي شهيد ڪري ڀٽو خاندان جون محبتون دلين مان ڪڍي چڏيندو پر هو ناڪام ويا هن چيو ته آئون ڪيڏانهن به نٿو وڃان هتي ئي.رهندس اي سي ايل ۾ نالو ڏيڻ سان مون تي ڪو به فرق نٿو پئي هن چيو ته جيڪي پ پ جا غدار ٿيا عوام انهن کي بدترين ۽ تاريخي شڪست ڏني وفاقي حڪومت 6 مهينن ۾ 90 ارب روپيا گهٽ ڏنا آهن بدين جي عوام سان غداري عيوض جن کي وزرات ملي وفاق ۾ سنڌ لاء آواز ڇو نٿا اٿارين پاڪستان جو قيام به سنڌ اسمبلي کان ٿيو هو هڪ دفعو وري به پ پ پاڪستان تي حڪومت ڪندي پاڻي جي کوٽ جي شڪايتن هن چيو ته شاخن کي پڪو ڪرائي پاڻي جي زيان کان بچايو ويندو صوبائي وزير اسماعيل راهو جي مطالبي تي چيو ته زرعي يونيورسٽي ٽنڊو جام وارن سان ڳالهائي بدين ضلعي ۾َشهيد فاضل راهو جي نالي سان ڪئپس قائم ڪرايو ويندو هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾َلکيل آهي ته جتان قدرتي شيون ملنديون آهن اتي پهرين صوبي جو حق هوندو آھي پر سنڌ خود ڪفيل هئڻ جي باوجود گئس به سنڌ جي بند ٿي ڪئي وڃي هن چيو ته 1991 جي ٺاھ تحت وفاق سنڌ کي پاڻي به نٿو ڏئي. هوڏانهن پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بدين پوئيٽي پيل علائقو آهي انهي جي باوجود هتي عورتن جو تعداد ڏسي شهيد سان محبت عقيدو آهي شهيد فاضل راهو سنڌ جو هيرو هو شهيد ذاولفقار ڀٽو ۽ شهيد فاضل راهو جان جا نزرانه ڏئي جمهوريت کي مضبوظ ڪيو هن چيو ته آصف زرداري پنهنجا اختيار چڏي پارليمنٽ کي مضبوظ ڪيو هن چيو ته سنڌ وارن کان پڇو ته اسان جمهوريت کي بچائڻ جي لاء ڇا ڇا نه ڪيو تڪليفن جي باوجود جيلن کي خوشي سان قبول ڪيو عمران خان وڏيون وڏيون ڳالهيون ته ڪري ٿو ان جي حڪومت عوام کي تباھ ڪري چڏيو آهي ۽ مهانگائي کان سواء ڪجه نه ڏنو آهي وفاق سنڌ ۽ پ پ سان ساڙ رکي ٿو اسين به انهي باھ کي تيلي ٿيندا رهنداسين. ٻئي طرف شهيد فاضل راهو جي وڏي فرزند محمد اسماعيل راهو ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد فاضل راهو سياسي ميدان ۾ ان وقت لٿو هو جڏهن ڪوٽڙي بئراج ٺاهيو ويو هو ان وقت هن همٿ ڪري لاڙ جون زميون اتي جي ماڻهن سميت خانبدوش ماڻهن کي به ڏياريو هن چيو ته جڏهن به قرباني جو ٽائيم ايندو هو ته هو قربانيون پهرين پنهنجي گهر کان ڌياريندو هو هن چيو ته وفاقي حڪومت ۾ ڪپتان جي حڪومت ۾ بيوقوفن جولشڪر ويٺل آهي جيڪو روز روز  يو ٽرن وٺي اقتدار ۾ آيو آهي هن مخالفن کي تنقيد ڪندي چيو ته پاڻي جون بوتلون ڏيکاري عوام کي بي وقوف بنائڻ وارا وفاقي حڪومت ۾ ويهي به سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ لاء تيار نه آهن هن چيو ته جمهوريت جي نالي تي آمريت کي مڙهيو ويو ته سنڌ ڀرپور مذمت ڪندي ان موقعي تي هن وڏي وزير پارٽي چئيرمين کان گهر ڪئي ته بدين ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائي ۽ ٽنڊو جام زرعي يونيورسٽي جو ڪئمپس قائم ڪيو وڃي  ورسي تقريب کي ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر ايم پي اي تاج محمد ملاح پڻ خطاب ڪيو.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں