حيدرآباد (بيورو) سائين جي ايم سيد جي 115 هين سالگرهه جو جلسو ايس يو پي پاران سيد جلال محمود شاهه جي صدارت ۾ ڪالهه سن ۾ ٿيو. انهيءَ موقعي تي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. جلسي کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه چيو سائين جي ايم سيد نه پير هيو ۽ نه مرشد هيو. پر سائين فلاسافر سياستدان هيو. اصول ۽ ايمانداري واري سياست ڪئي گهر ٻاري به سياست ڪئي. اسان جا دانشور غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻ لاءِ تيار نه آهن. بري کي برو نه سمجهن سبب ڪرپشن کي خراب نٿو سمجهيو وڃي. هن چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ ڪرپشن ظاهر ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پلي بارگن سان ملڪ نه هلي سگهندو. پر بي ايماني کي بند ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڄام شورو ضلعي ۾ ڪابه واٽر سپلاءِ اسڪيم نٿي هلي. بلدياتي نظام ٺيڪيدارن جي حوالي ڪيو ويو آهي.بلدياتي نظام ۾ عام ماڻهن جو گهڻو واسطو پوي ٿو. پر ان نظام کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. فائر برگيڊ به نه آهي. سياست سماجي خدمت جو بهترين زريعو آهي. اسان کي بلدياتي چونڊن جي تياري ڪرڻ گهرجي. اسان ڀرپور طريقي سان بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺنداسين. هتي ڪنٽرول ڊيموڪريسي هلي ٿي. ان ڪري ملڪ ۾ بهتري نٿي اچي. اليڪشن ۾ ماڻهو وڌيڪ مايوس ٿين ٿا.خراب ماڻهو اصل ۾ خراب هوندا آهن نظام خراب نه آهي. آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ 300 بلين گم آهن. اهي ظاهر ڪيا وڃن. 18 ترميم جي وسيلن جي باوجود سنڌ ۾ غربت وڌي آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ ڊيم سان گڏوگڏ ملير ۽ لياري نديءَ تي ڊيم ٺاهڻ گهرجي. اربين رپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود گاج ڊيم نٿو ٺهي سگهي. ڪرپشن سبب ڪوبه منصوبو بهتر نٿو ٿئي. هن مختلف هنڌن تان سن ڏانهن ويندڙ رستن تي رڪاوٽ جي باوجود وڏي انگ ۾ پهتل عورتن ۽ مردن کي شابسون ڏنيون. 24 فيبروي تي ايس يو پي پاران مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو . ايس يو پي جي نائب صدر زين شاهه چيو ته مونکي آمري پل تي مون سميت اسان جي سڄي قافلي کي ٽي ڪلاڪ روڪيو ويو.بلڪل ائين جيئن فلسطينن کي اسرائيلين پاران روڪيو ويندو آهي. ائين اسان جا قافلا روڪيا ويا. اسان هن ملڪ جا ٺاهيندڙ آهيون. اسان سان انصاف سان هلو.اسان کي خوف جي زريعي دٻائي نٿا سگهو. جنهن نموني هيءَ حڪمراني ڪئي وڃي ٿي. انهن کي ٻڌايون ٿا ته دنيا تبديل ٿي رهي آهي. اوهان پنهنجو رويو تبديل ڪريو. پ پ هر دور ۾ قوم پرستن تي ظلم ڪندي رهي آهي.سنڌ جي قومي ڪارڪنن جا لاش ڏنا ويا آهن. پ پ وارن سنڌ جي قومي ڪارڪنن جا چچريل لاش ڏنا آهن. ان جي ضميوار پ پ جي حڪومت آهي. پ پ سنڌ ڪارڊ کي غلط استعمال ڪري سنڌ کي نقصان پهچايو آهي. پ پ 18 ترميم جي زريعي سنڌ جو ڪوئلو وفاق جي حوالي ڪيو ويو. اسان جي وفاداري ۽ سچائي سنڌ سان آهي. جيڪي سنڌ سان وفادار نه آهن، اهي شهيد نه آهن.پ پ جي موجوده حڪومت جي عيوض ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ملي آهي. هتي خارجا پاليسي ۾ پاڙيسري ملڪن جي بدران قرض ڏيندڙ ملڪن کي اهميت ڏني وڃي ٿي.سائين جي ايم سيد اسان کي سنڌ سان عشق ڪرڻ سيکاريو.سائين جي ايم سيد جي فلسفي کي سمجهڻ جي بدران مذهبي ڌرين کان وٺي ڪميونسٽن تائين سڀني خلاف ڳالهايو. ديسي دلال به اسان جي خلاف آهن.ان جي باوجود سنڌ ۾ لکين ماڻهو سائين جي ايم سيد جي فلسفي تي هلندڙ آهن. هن بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار رهڻ جي اپيل ڪئي.ايس يو پي جي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙي ڀليڪار ڪندي چيو پ پ جي حڪومت جهموريت جي دعوا ڪري ٿي، پر سن ۾ سالگرهه ۾ ايندڙ قافلن کي رستن ۾ روڪيو ويو آهي.ضياءَ جي مارشلا ۾ به سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ٿيندي رهي آهي.پر پ پ جي حڪومت ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي جلسو ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد هن ملڪ جو خالق هيو. هن ملڪ جا حڪمران سنڌين کي محب وطن نٿا سمجهن. بندوق جي زور تي سنڌين کي غلام نٿا بنائي سگهو. سنڌي سنڌ جي درياءَ ٻولي جي بقا لاءِ جدوجهد تان هٿ نه کڻندي. سائين جي سيد 1940 واري قرارداد جي بنياد تي ملڪ هلائڻ چاهيو ٿي.جيڪو هلائڻ نه ڏنو ويو. هن جسٽس وجيهه کي مخاطب ٿي رٽائرڊ جسٽس امير مسلم حاني جو نالو وٺڻ کان سواءِ چيو ته هن ڄام شورو ضلعي جي ٻيلي جي زمين ۽ يونيورسٽي جي زمين تي قبضو ڪري رکيو آهي. هن چيو ڪراچي ۽ ٻين ضلعن مان ايس يو پي جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو(ر)جسٽس وجيهه الدين چيو ته سن ۾ اهم نوعيت واريون ڳالهيون ٿيون آهن. جي ايم سيد جو پاڪستان ٺاهڻ ۾ جيڪو پارلياماني ڪردار رهيو ان جو ذڪر نه ٿيو آهي. جي ايم سيد پاڪستان جي بانين مان هيو. سنڌ م جي ايم سيد جي ليول جهڙو ليڊر نه هيو. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڌارين جي آبادي سبب انهن کي اقليت ۾ هجڻ جو خوف آهي. ان ڪري ملڪ ۾ آئيني طور اهو خوف ڪرڻ گهرجي . جيئن دبئي ۾ ڪوبه ٻاهريون ماڻهو شهريت وٺي نٿو سگهي. ان ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙن کي اقامي تحت رهڻ ڏنو وڃي. اهڙو آئيني تحفظ ڏيڻ گهرجي. اسان کي آئيني طور سنڌ جي پاڻي ۽ ٻين مسئلن کي پڻ تحفظ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اڳم ڪوٽڙي کان هيٺ درياءُ سڪل هوندو هو ۽ هاڻ سکر تائين درياءُ سڪل نظر اچي ٿو. سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي ضايع ٿئي ٿو. گاج ڊيم ٻين ڊيمن بابت پڻ توجهه ڏيڻ گهرجي. جڏنهن ته ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ وٽ درياءَ جي کالي پيٽ ۾ ڊيم ٺاهڻ گهرجي. ٻوڏ وارو پاڻي انهيءَ ڊيم ۾ گڏ ڪرڻ گهرجي .هن چيو ته مون سنڌ جي چيف جسٽس هئڻ واري دور ۾ ڪراچي جي سيوريج واري پاڻي کي ٽريٽ ڪري زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ ٻهراڙي ۾ تمام گهڻي غربت آهي. ڀٽو جي زرعي اصلاحات تي عمل ڪيو وڃي هان ته سنڌ ۾ غربت نه ٿئي هان. جي ايم سيد جو نالو پاڪستان جي باني طور سدائين رهڻو آهي. اڳوڻو سينيٽر ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو سربراهه حئي بلوچ چيو سنڌ جي ماڻهن جي سجاڳي سان اسان بلوچن کي حوصلو ملي ٿو. سنڌين کي پنهنجي وطن ۽ درياءَ سان محبت آهي.سنڌ ۽ بلوچستان گڏ آهن. اسان پنهنجي ڌرتي جي حق حاڪميت لاءِ اسان سنڌ ۽ بلوچستان کي گڏجڻو پوندو. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لاپتا ماڻهن جو ساڳيو مسئلو آهي. پاڪستان ڪثير قومي رياست طور هلايو وڃي. اسان کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ سجاڳ ٿيڻو پوندو. بلوچستان ۾ 13 سالن کان آپريشن هلندڙ آهي. جنهن کي بلوچن بهادري سان منهن ڏنو آهي. عوامي جهموري پارٽي پارٽي جي صدر وشنو مل چيو سنڌ ۾ قومي شعور سائين جي ايم سيد ڏنو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي کي گار بڻايو ويو. 70 سالن کان سنڌين سان رويو برابري وارو ناهي. اسان کي پنهنجي ڌرتي تي يرغمال بڻايو ويو آهي. قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري انور نوحاڻي سيد جي سالگرهه سنڌين لاءِ عيد جو ڏينهن آهي. پاڪستان ۾ دلالن ۽ لٽيرن جي حڪومت آهي پ پ سنڌ دشمني تحت انهن ڌرين سان لٽ ڦر ڪري رهي آهي۽ درياءَ تي ڊيم ٺهرائڻ واري پارٽي آهي. انهيءَ موقعي تي ايس يو پي ليڊيز ونگ جي صدر وڪيل صائمه ابڙو، علي خاصخيلي،پڻ خطاب ڪيو. شاعر مير محمد پيرزادي جي وفات تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.انهيءَ موقعي تي قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي ته 1940 جي قرارداد تحت ملڪ کي هلايو وڃي. ملڪ اندر احتساب جي عمل کي شفاف بنائڻ لاءِ ڪرپشن م ملوث سڀني ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، سنڌ جي لٽيل ناڻي جي واپسي کي يقيني بنايو وڃي. ڪالا باغ ڊيم، ڀاشا ڊيم سميت سڀني ڊيمن جي اڏاوت کي نامنظور ڪري ٿو.۽ سنڌ ۾ پاڻي جي ورڇ منصفاڻي بڻائي وڃي. سنڌ ۾ ٻاهرن آيل غير ملڪي ڌارين آبادي کي روڪڻ جو مطالبو ڪندي افغاني، بنگالي، ۽ برمين سميت غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ رد ڪيا وڃن. سنڌ ۾ کنڀي گم ڪيل سياسي ورڪرن کي قانون موجب عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟