وفاقي ڪابينا بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

8Shares

اسلام آباد(بيورو) حڪومت پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منوظري ڏئي ڇڏي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ تي غور ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا ٻنهي ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪوڙي اڪائونٽس ڪيس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي پنهجي جاچ بعد آصف علي زرداري سميت 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي هئي. وفاقي ڪابينا جي آءِ ٽي جي سفارشن جي روشني ۾ سمورا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. 7 جنوري تي ان ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سنگين ڏوهن جو ذڪر ڪيو ويو، تاثر ڏنو پيو وڃي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ردي جي ٽڪري ۾ وڃي سگهي ٿي. هن چيو ته فوري طور جي آءِ ٽي رپورٽ، ثبوت نيب ڏانهن اماڻيا وڃن، جي آءِ ٽي جا سمورا ميمبر نيب سان لاڳاپيل هوندا ۽ معاونت ڪندا، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو پکڙيل آهي، ان لاءِ پاناما جي ابتڙ جي آءِ ٽي کي برقرار رکيو ويو آهي. هن چيو ته ڪابينا کي سپريم ڪورٽ جي تفصيلي لکت واري فيصلي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، نيب کي اهي ثبوت ڏنا ويندا ۽ اهو سڌي ريت ريفرنس داخل ڪندو. سندس چوڻ هو ته نيب کي ٻن مهينن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ جي آءِ ٽي ساٿ ڏيندي، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي سفارشن تي ريفرنس راولپنڊي، اسلام آباد ۾ داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس جو معاملو نيب ڏانهن فوري اماڻڻ جو چيو آهي. وزيراعظم جي خاص معاون چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ مان ڪنهن جو به نالو نه پيو ڪڍيو وڃي، ڪابينا عدالتي حڪم تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شهزاد اڪبر چيو ته نيب جي حوالي سان چيو ويو آهي ته بيهر نالا شامل ڪرڻا آهن ته ڪيا وڃن، سپريم ڪورٽ بلاول ۽ مراد علي شاهه جا نالا جي آءِ ٽي رپورٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ناهي ڏنو.

8Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں