حيدرآباد: جئي سنڌ قومي محاذ (بشير خان گروپ) پاران سائين جي ايم سيد جي مزار سيراندي کان جلسو ڪيو ويو.سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ قومي تراني سان سالگرهه جي شروعات ڪئي. انهيءَ موقعي تي جسقم جي چئرمينصنعان خان قريشي 2019 واري سڄي سال کي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته هن سڄي سال کي جي ايم سيد جي فڪر کي ڦهلائڻ طور ملهايو ويندو. هن چيو ته سائين جي ايم سيد جو فڪر عدم تشدد وارو آهي. جنهن تي اسان ۽ اسان جا ڪارڪن عمل ڪري رهيا آهن.ان باوجود اسان کي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي خوشي واري ڏينهن تي جلسو ڪرڻ نه ڏنو ويو۽ سن طرف ايندڙ اسان جي ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪئي وئي. گذريل هڪ هفتي کان ڪارڪنن جي گهرن تي پڇوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙن طرفان چڙهايون ڪيون ويو. اهڙي ريت اسان جي ڪارڪنن کي هراسان ڪيو ويو. ان جي باوجود جن ڪارڪنن بهادري جو مظاهرو ڪري ڏکي وقت ۾ سن پهچي سالگرهه ۾ شرڪت ڪئي آهي.سائين پنهنجي سالگرهه ملهائن وارو سلسلو شروع ڪيو هو، اهو منهنجي بابا بشير خان قريشي جاري رکيو ۽ مان به ان سالگرهه کي ملهائي رهيو آهيان.هن جسقم جي انهن ڪارڪنن کي سلام پيش ڪيان ٿو۽ وچن ٿو ڪريان ته ڪارڪنن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته اسان ۽ اسان جا ڪارڪن پر امن آهن ۽ سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري فلسفي تي هلي رهيا آهن. ان ڪري انهن کي پر امن ئي رهڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته ٿر ۾ معصوم ٻار مري رهيا آهن، پر حڪومت خاموش تماسائي بنيل آهي.غريب ٿر وارن جي حڪومت پاران ڪنهن به قسم جي سار نه لڌي وڃي ٿي.انهيءَ موقعي تي جسقم جي اڳواڻن امجد مهيسر، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو ، محمد سمون، الطاف ايڊوڪيٽ، صفدر تنيو ، انور چانڊيو ۽ ٻين تقريرون ڪيون ۽ قومي گيت ڳايا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟