سنڌ حڪومت پي ايس ايل لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

1Shares

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ايندڙ چوٿين ايڊيشن جي شيڊول مئچز لاءِ ڪراچي ۾ فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وڏي وزير اهڙو حڪم امن امان بابتڪوٺايل اجلاس ۾ ڏنو. اجلاس ۾ شهر جي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ اطلاعات وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، آءِ جي سنڌ، پرنسپل سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي سميت ٻيا آفيسر شامل هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پي ايس ايل ۽ نيول انٽرنيشنل امن مشقن جي سيڪيورٽي فول پروف هجڻ گهرجي، پوليس آفيسر صحافين سان ڳالهائڻ شروع ٿين ٿا، جيڪو سٺو ناهي. امن امان بابت اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي مقتول اڳواڻ علي رضا عابدي ۽ چائنيز قونصل خاني تي حملي ڪيس بابت اڳڀرائي بابت وڏي وزير کي پڻ آگاهه ڪيو ويو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں