سنڌ اسيمبلي پاران ارسا جي نئين سر جوڙجڪ جو مطالبو، ڪالاباغ ڊيم اسان جي لاشن تي ٺهندو: وڏو وزير

4Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ سمورين جماعتن ورڇ جوڳي پول مان سنڌ کي پاڻي نه ڏيڻ تي ارسا جي نئين سر جوڙ جڪ جو مطالبو ڪندي  پاڻي کوٽ لاء  وفاقي سرڪار کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آھي، وڏي وزير جو چوڻ آهي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ لاء ذميوار وفاق آھي  تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن ٿي گذريو، اجلاس ۾ مهملي جي رٿ پيش ڪندي پ پ جي هير سوهو چيو ته ارسا جي بي حسي ۽ ناڪامي بابت ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي، هن چيو ته ارسا ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کي به گهٽ پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن تي صوبائي وزير پارلياماني مڪيش ڪمار چاولا چيو ته رٿ درست آهي جنهن تي هير سوهو چيو ته وفاق صرف پنجاب جو خيال رکي ٿو ۽ باقي ٻين صوبن کي نظر انداز ڪري ٿو سنڌ کي پاڻي جي حصي مان 40 سيڪڙو پاڻي گهٽ ڏنو وڃي ٿو،وفاقي سرڪار صوبن سان پاڻي جي ورڇ بابت تعاون نٿي ڪري نه ئي اها صوبن سان ڳالهائڻ لاءَ تيار آهي سنڌ تاس معاهدي جو خيال نٿو رکيو وڃي، اسان کي پاڻي  جو حصو نه ملڻ ڪري اسان جون زمينون سڪي رهيون آهن ڊيم جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ ڍيمن جي ڳالهه تان  سنڌ کي غدار چيو وڃي ٿو،پاڻي تي وفاق زيادتي ڪري رهيو آهي اهڙي زيادتي فوري طور تي بند ڪئي وڃي ۽ ارسا ۾ وفاق جي نمائندگي به سنڌ کي ڏني وڃي.پاڻي بحث تي ڳالهائيندي پي ٽي آئي جي  حنيف جاويد چيو ته پاڻي جي مجموعي طور تي 35 سيڪڙو کوٽ آهي، ڏسڻو اهو آهي ته پاڻي ڪيترو پهچي ٿو ۽ ڪيترو حصو ملڻ گهرجي ارسا وٽ ٻيو اشو ناهي اهو صرف پاڻي جي ورڇ بابت فيصلو ڪندا آهن، مٿان وفاق جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي اسان ته چئون ٿا ڪراچي کي پاڻي گهٽ ڇو ڏنو وڃيٿو، سنڌ حڪومت ۽ ٻيا صوبا وفاق سان ملي ان مامري کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. پ پ جي حنا دستگير چيو ته سندس پهرين تقرير آهي جيڪڏهن غلطي ٿئي ته معاف ڪجو،هن چيو ته پاڻي جي ورهاست بابت ڇا ارسا پنهنجي ذميواري نڀائي رهي آهي ڇا 1991 واري پاڻي ٺاهه تي عمل ٿي رهيو آهي؟ پاڻي ورهاست ۾ صرف پنجاب کي فائدو ملي رهيو آهي ان سبب جي ڪري ٻين صوبن کي پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي ڏاڍي جي مٿي کي ٻه مٿا جيان پبجاب ٻين صوبن سان ڏاڍ پيو ڪري.سنڌو دريا تي ملاح بک مري رهيا آهن سنڌو جي تري ۾ ماڻهو کٽون رکي ستا پيا آهن،هن چيو ته سوال اهو آهي پنجاب پاڻي تي احتجاج ڇو نٿو ڪري.ارسا پنهنجو اڻڌريو رويو ختم ڪري. ٽي ايل پي جي مفتي قاسم چيو ته ارسا جي غفلط ۽ گنڊا گردي جي ڪري سنڌ کي پاڻي نٿو ملي اها انصاف نٿي ڪري جنهن ڪري مسئلا جنم وٺن ٿا پاڻ۾ي نه ملڻ جو قصور وار وفاقي سرڪار آهي سنڌ کي پاڻي ملندو ته ڪراچي جي عوام کي ملندوڪراچي جي عوام پاڻي لاءِ ووٽ ڏئي ٿو اس سلسلي ۾ اسان وڏي وزير سان هر تحريڪ ۾ گڏ آهيون. ايم ايم اي جي عبدالرشيد چيو ته تحريڪ جي حمايت ڪيون تا ڇو ته پاڻي سان معشيت جو پيو هلي ٿو پاڻي نه ملندو سنڌ جي زمين غير آباد ٿي ويندو ۽ ان سان انسان جو قتل ٿئي ٿو، پاڻي جو مسئلو وڏو آهي ان تي ارسا جي ڪميٽي کي ختم ڪري نئين ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيان ٿو، هن چيو ته اسان کي ڊيم ٺاهڻ جو به ضرورت آهي اسان کي پنهنجي ناڪامي کي تسليم ڪرڻ جي به ضرورت آهي. افسوس ته وفاقي سرڪار جي جيترا به منصوبا سنڌ ۾ هلي رهيا آهي سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ لاءَ آهن.جي ڊي اي جي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته فنڪشنل ليگ سنڌ جي عوام جي مسئلن سان گڏ بيٺي آهي پاڻي مامري تي اسان تحريڪ جي حمايت ڪيون ٿا، 91 ع واري ٺاهه تحت سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي بدين، ٺٽو، ٿر ۽ سکر ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري مسئلا پيدا ٿي ويا آهن سنڌ ۾ پاڻي جي ورڇ تي آبپاشي عمدارن غير قانين طور تي پيسا وٺي غير قانين ڪنيڪشنل ڏنا آهن ان تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو هو ته ان جي جاچ ڪرائيندس پر اڃان ڪجه ناهي ٿي سگهيو،هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم اسان جي لاشن تي ٺهندو هن ايوان ۾ جيڪي تاڙيون وڄايون وڃن ٿيون، اهي ڪالا باغ ڊيمن لاءَ آهن، جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته ارسا 1951 ۾ قائم ٿيو ان جو ڪم صوبن کي پاڻي جي وراهاست ڪرڻ آهي پر ٿيو ائين آهي ارسا جي فيصلي ۾ ٽي صوبا الڳ ۽ سنڌ اڪيلو ٿي وڃي ٿو ان ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو قصور آهي ڇو ته سنڌ جو وڏو وزير ارسا ۾ پنهنجو ڪيس درست پيش نٿو ڪري سگهي، سنڌ هميشه ارسا ۾ ناڪام ٿيو آهي، سنڌ چوي ٿو وفاق پاڻي نٿو ڏئي پر سنڌ پڇڙي جي آباداگارن کي پاڻي نٿو ڏئي،بدين ۽ ٺٽو رڙيون ٿا ڪن ته سمنڊ زمين ڳڙڳائي ويو آهي پر اتي جهنگل تي قبضا آهن ڪينگروز تي قبضا آهن ان بابت ثبوت آهن سنڌ کي پڇڙي جي آبادگارن جي بد دعا آهي ان ڪري وفاق طرفان پاڻي نٿو ملي، لاڙڪاڻي جي گهٽين روڊن ۽ گهرن ۾ پاڻي بيٺو آهي، ورلڊ بينڪ جي رپورٽ آهي ته سنڌ ۾ 82 سيڪڙو سيوريج سسٽم موجود ناهي ان موقعي تي وساڻ ڳالهايو ته نصرت سحر کيس چيو ته ايترا ڏينهن ڪٿي هئين اڃ ڪٿان ظاهر ٿيو آهين چپ ڪري ويهه،هن چيو ته وزير اعليٰ صاحب منڇر ڍنڍ تباهه ٿي رهي آهي جتان ڪراچي کي پاڻي ملي رهيو آهي، منڇر مان نڪرندڙ ڍنڍن مان 12 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيڻي هئي پر ائين نه ٿيو ۽ اهي زمينون غير آباد آهن ان تي هڪ سئو 5 ارب خرچ ٿي ويو آهي. پ پ جي عبدالعزيز جوڻيجو چيو ته تقريرون ته گهڻيون ٿين ٿيون پر افسوس ته عمل نٿو ٿئي، ارسا پنجاب۽ بلوچستان کي پورو پاڻي ڏئي ٿو، 114 ملين فٽ پاڻي کي ورهائڻو آهي، جنهن مان کوٽ جو بار صرف سنڌ کني ٿي ۽ ان تي احتجاج ڪرڻ تي سنڌ جي نمائندي جي ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي،ارسا جي فارمولي تي سنڌ کي اعتراض آهي اسان کي 91 ع ٺاھ  تحت پاڻي ملڻ گهرجي. مٿان کان 50 سيڪڙو پاڻي سنڌو دريا ۾ گهٽ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو سکر وٽ پهنچندي کوٽ 70 سيڪڙو ٿي وڃي ٿي. ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ ته وڌيڪ ڊيمن لاءِ اسان وٽ پاڻي ناهي ۽ جڏهن پاڻي ئي ناهي ته وڌيڪ ڊيمن کي ڪٿان ڀرينداسين. هن چيو ته وفاق سنڌ مان پاڻي واري معاملي تي زيادتي ڪري رهيو آهي، سنڌ جو خطو سڀ کان وڌيڪ زرخير هو، انگريزن 1859ع کان روڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون، سنڌ ۾ ته 5 درياهن کان پاڻي ايندو هو، انگريز گريٽر ٿر ڪئنال جي مخالفت ڪئي هئي پر وري ڊڪٽيٽر ان کي ٺاهيو، ان وقت سنڌ جو حصو 48 ڏهائي 7 ملين ايڪٽر ينعي پنجاب کان وڌيڪ هو جڏهن ته 1948ع ۾ ڀارت پاڻي بند ڪري ڇڏيو هو.  وڏي وزير جو چوڻ هو ته انڊس واٽر ٽريٽي ۾ سنڌ جو هڪ به نمائندو نه کنيو ويو، انڊس واٽر ٽريٽي ۾ ڀارت کي 3 درياهه ڏنا ويا، وري پاڻي تي گهٽ ٿيڻو ئي هو، پاڻي آهي ئي نه ته ڊيم کي ڪٿان ڀرينداسين، وڌيڪ ڊيمن لاءِ اسان وٽ پاڻي ناهي.  مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي حق لاءِ  ڪجهه به نه ڪيو ويو، سي سي آءِ هن ڀيري عجيب ٺهي آهي، سنڌ جي ميمبرن ئي معاملو ڪونسل موڪلڻ  جي سفارش ڪئي، 1991ع ۾ پنجاب جو حصو وڌايو ويو، سڀ کان گهٽ واڌ سنڌ جي حصي ۾ ڪئي وئي. هن چيو ته سنڌ سان زيادتي ڪندڙ سڀ ٻين پارٽين مان آهن ، گڏيل مفادن واري ڪونسل جي ميمبرن ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي، ارسا سنڌ سان ناانصافيون جاري رکيون پئي اچي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں