جعلي اڪائونٽس ڪيس: سپريم ڪورٽ جو عملدرآمد بئنچ جوڙڻ، بلاول ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

7Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جعلي اڪائونٽس ڪيس جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو نالو في الحال اي سي ايل مان ڪڍڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجازالاحسن جعلي اڪائونٽس ڪيس جو 25 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم ڏنو جنهن ۾ گڏيل جاچ ٽيم رپورٽ، جمع ٿيل مواد ۽ شاهديون فوري طور تي نيب کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. لکت ۾ حڪم نامي ۾ بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل في الحال ڪڍڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي. لکت ۾ حڪم موجب جي آءِ ٽي جاچ ۾ نيب جي معاونت ڪندي، نيب ٻن مهينن جي اندر جاچ ڪري سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي، بلاول، مراد علي شاهه خلاف جيڪڏهن ٺوس شاهديون ملن ٿيون ته وفاقي حڪومت کي نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو اختيار  آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته نيب فاروق ايڇ نائيڪ، سندس پٽ بابت جي آءِ ٽي جي مواد جو نئين سر جائزو وٺندي ۽ جيڪڏهن ڪيس نه ٿو ٺهي ته فاروق نائيڪ ۽ سندس پٽ جا نالا اي سي ايل مان هٽايا وڃن. لکت ۾ حڪم ۾ اهو به چيو ويو ته نيب انور منصور جي ڀاءُ بابت جي آءِ ٽي جي مواد جو جائزو وٺندي، انور منصور جي ڀاءُ بابت ڪيس نه ٿو ٺهي ته نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي، جاچ پوري ٿيڻ تائين نيب انهن جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪندي. لکت ۾ حڪم موجب جي آءِ ٽي جي جاچ ٿيٺ ڪيسن جي جاچ ڪري رپورٽ سپريم ڪروٽ ۾ جمع ڪرائيندي جڏهن ته نيب هر 15 ڏينهن کانپوءِ پنهنجي جاچ  رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي. جاچ رپورٽ جي روشني ۾ نيب ريفرنس اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ داخل ڪندي، جي آءِ ٽي پنهنجو سمورو رڪارڊ نيب اسلام آباد کي جمع ڪرائيندي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته نيب بلاول ۽ مراد علي شاهه کان جاچ جاري رکي، جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ عملدرآمد بئنچ جوڙي وڃي، نيب 15 ڏينهن ۾ اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي، جي آءِ ٽي جا سمورا ميمبر نيب سان سهڪار ڪن، جي آءِ ٽي اڻپورن معاملن جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ نيب کي ڏئي. مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ رکڻ سان ان جي ڪم م مسئلا پيدا ٿيندا، جي آءِ ٽي رپورٽ موجب معاملو ڪميشن، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ مني لانڊرنگ جو آهي.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں