قومي اسيمبلي ۾ پ پ جو بلاول جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ خلاف احتجاج، چيف جسٽس حڪم ناهي ڏنو: شاهه محمود

1Shares

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چيف جسٽس بلاول ڀٽو زرداري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ناهي ڏنو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي شازيه مري ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 7 جنوري تي چيف جسٽس حڪم ڏنو ته بلاول جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي، ٻه ڀيرا ڪابينا جو اجلاس ٿيو پر بلاول ڀٽو جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍيو ويو. شازيه مري جي اعتراض تي جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته چيف جسٽس اي سي ايل مان نالو هٽائڻ جو حڪم ناهي ڏنو، فيصلي ۾ چيو ويو ان معاملي کي ڏسو، ڪابينا اجلاس ۾ اهو نقطو اٿاريو ويو ته عدالت جو تفصيلي حڪم ناهي مليو. پرڏيهي وزير چيو ته اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ کان انڪار ڪنهن ناهي ڪيو پر ان بابت جوڙيل حڪومتي ڪميٽي معاملي کي ڏسي رهي آهي. پرڏهي وزير جي جواب تي پ پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته جڏهن اي سي ايل ۾ نالو وڌو ويو ته عدالت جي لکت واري فيصلي جو انتظار نه ڪيو، پي ٽي آءِ جي شخص جو نالو 24 ڪلاڪن ۾ اي سي ايل مان ڪڍيو ويندو آهي، اي سي ايل کي هيءَ حڪومت سياسي انتقام طور استعمال ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي پارليامنٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن واري معاملي تي حڪومت پنهنجي ڪميٽي جوڙيندي، اسان پنهنجي مخالف پارٽين کي اعتماد ۾ وٺنداسين ۽ مخالف پارٽين سان به رابطو ڪيو ويندو. هن چيو ته فوجي عدالتن لاءِ آئيني ترميم گهربل آهي جنهن تي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهرجي، پارليامنٽ ۾ ڪنهن پارٽي وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ناهي، ان تي مخالف ڌر جي سهڪار جي ضرورت آهي، تنهنڪري مخالف ڌر سان مشاورت ڪرڻ کانسواءِ فوجي عدالتن تي ڪا به حتمي راءِ نٿو ڏئي سگهان.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں