تحريڪ انصاف جي پارلياماني اجلاس ۾ رابطن جي کوٽ تي ميمبر ڪاوڙجي پيا

1Shares

اسلام آباد (بيورو) حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف جي پارلياماني اجلاس ۾ اسمبلي ميمبرن پنهنجيڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ وزيرن سان رابطن جي فقدان جو شڪايت ڪئي. مخالف ڌر پارٽين جي اتحاد کانپوءِ حڪومت به ميدان ۾ اچي وئي آهي ۽ پارليامنٽ هائوس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جو اهم پارلياماني اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ مخالف ڌر اتحاد تي حڪومتي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي جڏهن ته مني بجيٽ تي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو. وفاقي ناڻي واري وزير اسد عمر حڪومتي ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ملڪي اقتصادي صورتحال تي روشني وڌي ۽ حڪومتي پاليسي پيش ڪئي. اجلاس بعد تحريڪ انصاف جي چيف وهپ عامر ڊوگر صحافين سان ڳالهائيندي اسمبلي ميمبرن ملڪ جي معاشي صورتحال تي ناڻي واري وزير کان بريفنگ جو مطالبو ڪيو هو جنهن تي ناڻي واري وزير اسد عمر کين بريفنگ ڏني ۽ اقتصادي صورتحال کان آگاهه ڪيو، فواد چوڌري جي بيان تي مونس الاهي جو ردعمل ۽ حڪومتي اتحاد کي خطرن واري معاملي تي وزيراعظم ضرور ڌيان ڏيندو ۽ ان تي ضرور ڳالهايون ويندو، سنڌ ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي چاهن ٿا ته تبديلي واري هوا سنڌ ۽ ڪراچي ۾ گهلي. ٻئي طرف حڪومت بنيادي عوامي مسئلن جي حل لاءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان نيشنل ايڪشن پلان لاءِ پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، پاڻي، زراعت، تعليم ۽ صحت سميت بنيادي عوامي مسئلن جي حل لاءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺهندو. ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر کي پلان تي عملدرآمد جو ٽاسڪ ڏنو آهي ۽ اسپيڪر مخالف ڌر پارٽين کي اعتماد ۾ وٺندو. ذريعن مطابق قومي ايڪشن پلان واري پارلياماني ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين کي شامل ڪيو ويندو، جنهن لاءِ اسپيڪر پارلياماني پارٽين سان رابطا ۽ ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪميٽي سمنڊ پار پاڪستانين کان به تجويزون وٺندي ۽ ان جي رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں