ڇا هاڻي ملڪ نيب هلائيندو، اسان ملڪ کي بنانا ريپبلڪ بڻجڻ ته ڏينداسين: هاءِ ڪورٽ

7Shares

لاهور (بيورو)  پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ملي وئي. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪور پنجاب اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز شريف کي 10 ڏينهن لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حمزا شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ حمزا شهباز موقف ڄاڻايو ته گهرو وزارت نيب ۾ ڪجهه معاملا جاچ هيٺ هئڻ جي بنياد تي نالو بليڪ لسٽ ۾ وڌو آهي، نومبر ۾ برطانيا لاءِ سفر ڪرڻ وقت ايئرپورٽ تي خبر پئي ته نالو بليڪ لسٽ ۾ آهي، گهرو وزارت کي نالو بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ بابت خط لکيا پر جواب ناهي مليو  جڏهن ته نيب جي سموري جاچ ۾ باقاعدگي سان شامل ٿي رهيو آهيان.  ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته حمزا شهباز شريف خلاف نيب ۾ جاچ هلي رهي آهي جنهن تي جسٽس فرخ عرفان چيو ته ڇا جنهن خلاف نيب انڪوائري ڪندي آهي ان جي چرپر تي پابندي لڳائي ويندي آهي ۽ ڇا چانسز آهي ته حمزا شهباز واپس نه ايندو. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اسحاق ڊار به ملڪ کان ٻاهر ويو پر واپس نه آيو جنهن تي جسٽس فرخ عرفان جو چوڻ هو ته اسحاق ڊار کان وڏا وڏا ماڻهو ٻاهر ويٺا آهن. جسٽس فرخ عرفان رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا هاڻي ملڪ نيب هلائيندو، اسان هن ملڪ کي بنانا ريپبلڪ بڻجن نه ڏينداسين ۽ جيڪڏهن ملڪ نيب کي هلائڻو آهي ته پارليامنٽ ۽ عدالتن کي ختم ڪري ڇڏيون ٿا، نيب جو قانون ته هلي ئي ناهي رهيو، چيف جسٽس پاڪستان روز نيب کي سڏائي ڇنڊ پٽيندو آهي. جسٽس فرخ عرفان چيو ته عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جو نالو اي سي ايل ۾ ڇو وڌو ويو ، اوهان کي خبر آهي ته سنڌ جي وڏي وزير جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ تي چيف جسٽس ڇا چيو هو، چيف جسٽس چيو آهي ته وڏي وزير جو نالو اي سي ايل ۾ ناهي وڌو ويندو جنهن تي ايڊيشنل  اٽارني جنرل چيو ته حمزا شهباز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ هاءِ ڪورٽ جو اختيار ناهي.  جنهن بعد عدالت گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ حمزا شهباز کي 10 ڏينهن لاءِ  ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں