نيب کان ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ هلندڙ جاچ جا تفصيل طلب، ماڻهن جا پٽڪا لاٿا پيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

9Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کان ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ هلندڙ جاچ جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. نيب جا جاچ آفيسر نيب جاچ بابت عدالت کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، ان تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ نيب جي جاچ آفيسرن ۽ پراسيڪيوٽرن کي ڇنڊ پٽي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته ڪيتريون جاچون هلي رهيون آهن؟ ان تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ڪيتريون ئي انڪوائريز هلي رهيون آهن. جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏنا ته ڳالهيون نه ٺاهيو، اسٽيٽمينٽ ڏيو ته ڪيتريون جاچون هلي رهيون آهن، ٻن ٻن سالن کان جاچ هلي رهي آهي، هاڻي ڊي جي نيب سنڌ کي طلب ڪريون ٿا. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهن جا پٽڪا لاٿا پيا وڃن، ٻن سالن کان جاچ مڪمل نٿا ڪن، ڪيس پڙهي نٿا اچن، ڪيس جي ڊائري به ناهي، هاڻي ائين نه هلندو، سمورين جاچن جا تفصيل ڏيو. عدالت نيب کان ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ هلندڙ جاچ جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

9Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں