اپوزيشن پارٽيون متحد، حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو، فوجي عدالتن بابت گڏيل پاليسي اختيار ڪرڻ تي اتفاق

7Shares

اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر جي پارٽين پارليامينٽ جي بالادستي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪرڻ ۽ معاشي معاملن تي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ  شهباز شريف جي دعوت تي مخالف ڌر جي سربراهن جو اجلاس ٿيو. پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، نويد قمر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي چيمبر ۾ پهتا ته شهباز شريف سندن آجيان ڪئي. مخالف ڌر اڳواڻن جي اجلاس ۾  جي يو آءِ ف جي مولانا اسعد الرحمان، عوامي نيشنل پارٽي جي امير حيدر خان هوتي ۽ ٻيا اڳواڻ به شهباز شريف جي چيمبر پهتا.  ذريعن موجب اجلاس دوران موجوده سياسي صورتحال ۽ مستقبل جي حڪمت عمل تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس دوران ملڪ جي معاشي صورتحال تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته حڪومت کي فرينڊ ڏيڻ سان ملڪ خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. ذريعن موجب مخالف ڌر جي اڳواڻن معاشي معاملن تي حڪومت کي پارليامينٽ ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ  جو فيصلو ڪيو  جڏهن ته مخالف ڌر جي پارٽين  فوجي عدالتن تي به گڏيل پاليسي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته معاملي تي حڪومت سان باضابطا رابطي بعد پاليسي واضح ڪئي ويندي. آصف علي زرداري پارليامينٽ پهتو ته صحافي سوال ڪيو ته وزيراعظم چئي رهيو آهي ته مخالف ڌر اين آر او لاءِ واڪ آئوٽ ڪري رهي آهي جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر پهرين ڏينهن کان واڪ آئوٽ ڪري رهي آهي اين آر او ڇو وٺندي؟ ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف وچ ۾ پهرين باظابطا ملاقات ٿي آهي.  پارليامنٽ هائوس اسلام آباد ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي چيمبر ۾ مخالف ڌر جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو پهتا ته شهباز شريف دروازي تي اچي سندن آڌر ڀاءُ ڪيو. جنهن بعد شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ باظابطا ملاقات ٿي ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري پڻ موجود هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.  ملاقات کانپوءِ  اپوزيشن پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ن ليگ طرفان شهباز، راڻا تنوير، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، راڻا ثناءَ الله ۽ سينيٽر پرويز رشيد، پيپلز پارٽي جي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، خورشيد شاهه، نويد قمر ۽ شيري رحمان، ايم ايم اي جي مولانا اسد محمود، مولانا واسع جڏهن ته اي اين پي جي امير حيدر هوتي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال، فوجي عدالتن ۾ واڌ، نيب جي ڪاررواين ۽ مخالف ڌر جي گڏيل حڪمت عملي تي ڳالهايون جاري آهن. اجلاس دوران سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا کي شهباز شريف جي چيمبر ٻاهران موجود سيڪيورٽي اهلڪارن روڪي ورتو، سندس چوڻ هو ته اوهان جو نالو اجلاس لاءِ ڏنل نالن ۾ شامل ناهي تنهنڪري اوهان اجلاس ۾ شرڪت نٿا ڪري سگهو، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين اجازت نه ملڻ تي واپس موٽي ويو. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري وزيراعظم طرفان اپوزيشن جي اين آر او گهرڻ جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو. پارليامينٽ هائوس اچڻ تي اڳوڻي صدر آصف زرداري کان ميڊيا نمائندن سوال ڪيا. هڪ صحافي سوال ڪيو ته وزيراعظم چئي رهيو آهي ته اپوزيشن اين آر او لاءِ واڪ آئوٽ ڪري رهي آهي؟. ان تي آصف زرداري چيو ته اپوزيشن پهرئين ڏينهن کان واڪ آئوٽ ڪري رهي آهي، اين آر او ڇو وٺندي؟. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته وزيراعظم کي اين آر او جي تعريف نه ٿي اچي، هو پارليامينٽ ۾ اچي نه ٿو، پارليامينٽ اچي ته ڳالهائينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته حڪومت ڪجهه به ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهي ۽ اسان کي اين آر او جي ضرورت ناهي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پارليامينٽ اچڻ تي ميڊيا سان ڳالهايو. اين آر او بابت بابت سوال تي هن چيو ته اين آر او نه گهريو ۽ نه اسان کي گهرجي، خان صاحب پاڻ ايوان ۾ اچي نه ٿو، کيس ڪهڙي خبر ته پارليامينٽ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، خان صاحب دعويٰ ڪئي هئي ته هو پهريون وزيراعظم هوندو جيڪو هر اربع تي اچي اپوزيشن جي سوالن جا جواب ڏيندو، هن جي اهادعويٰ ڪوڙ نڪتي، خان صاحب جو هر واعدو ڪوڙو نڪتو. ٻئي طرف مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف وزيراعظم عمران خان جي مخالف ڌر جي اين آر او وٺڻ واري بيان کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. پارليامينٽ هائوس اچڻ وقت شهباز شريف کان صحافين سوال ڪيا. هڪ صحافي سوال ڪيو ته عمران خان چئي رهيو آهي ته توهان واڪ آئوٽ اين آر او وٺڻ لاءِ ڪري رهيا آهيو؟ ان جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته عمران خان جو اهو الزام ايترو بي بنياد آهي جو جواب ڏيڻ به مناسب ناهي. هن چيو ته مخالف ڌر سان جيڪي به صلاح مشورا ٿيندا اهي ميڊيا کي ضرور ٻڌائبا.

 

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں