سنڌ ۾فارورڊ گروپ ٺاهڻ جي ڌمڪي، مراد شاهه اومني گروپ جي ڏيئي جو جن آهي، استعيفيٰ نه ڏيندو ته قدم کڻبو: فواد چوڌري

9Shares

ڪراچي  (چيف رپورٽر)  سڌسماءِ جي وفاقي وزير فواد  چوڌري هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي وڏي وزير جي استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن وڏي وزير استعيفا نه ڏني ته عملي قدم کڻنداسين نيب کي وزيراعظم عمران خان جي خلاف 27 لک رپين جي هڪ بي تڪي هيليڪاپٽر ڪيس تي معافي وٺڻ گهرجي جيڪڏهن  بينظير ڀٽو شهيد زنده هجي ها ته کيس سنڌ جو سڀ کان وڌيڪ ڏک ٿئي ها بلاول ڀٽو زرداري اڃاٻار آهي ۽ ٻار غير سياسي هوندا آهن منهنجي خيال ۾ بلاول صاحب جو سنڌ جي حالتن سان تعلق نه آهي پيءُ ۽ پڦي سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي سنڌ جي حڪمرانن وٽ جادو جي لٺ آهي اک ڇنڀ ۾ پئسا ٻاهرين ملڪ هليا وڃن ٿا سنڌ هو  هن وقت ڪوئي وارث نه آهي پ پ پ سنڌ تي قبضو ڪيو آهي تبديلي سنڌ جي عوام جو حق آهي جيترا پئسا سنڌ کي مليا آهن جيڪڏهن اهي جائز طريقي سان استعمال ٿين ها ته هتان جي ماڻهن کي ڪنهن شئي جي کوٽ نه هجي ها اڱاري تي ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان سنڌ جي وڏي وزير کان استعيفيٰ  جو مطالبو ان لاءِ ڪيون ٿا ڇو ته جنهن جادو جي لٺ ذريعي اومني گروپ جا سڀ ڪم ٿي رهيا هئا ان جو جن مرادعلي شاهه آهي ۽ جڏهن اهي لٺ گهمائين ٿا ته مرادعلي شاهه چوي ٿو ته ڪهڙو حڪم آ منهنجا آڪا پاڪستان ۽ ان جي ٽن صوبن تبديلي جي لهر ڏٺي آهي سنڌ جي عوام جو ڏک سور سمجهندڙ تبديلي چاهين ٿا ڇو ته سنڌ ۾ تبديلي سڄي پاڪستان ۾ تبديلي آهي هن چيو ته پ پ پ جي ڀرپور اڪثريت صوبي ۾ تبديلي چاهي ٿي سنڌ ۾ پ پ پ جي سينيئر اڳواڻن اسان سان رابطو ڪيو آهي پ پ پ جا اڳواڻ اسان چئي رهيا آهن ته  سنڌ ۾ تبديلي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو اسان چاهيون ٿا ته پ پ پ پاڻ تبديلي آڻي پيپلزپارٽي کي پهريون موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا ته مرادعلي شاهه استعيفا ڏي جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته حڪومت عملي قدم کڻندي ۽ پ پ پ جي اڪثريت اسان گڏ هوندي هن چيو ته سنڌ ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ فارورڊ بلاڪ ٺاهينداسين وفاقي وزير چيو ته بلاول کي چيف جسٽس چيو ته هو ٻارڙو آهي ۽ ٻار غيرسياسي هوندا آهن سندس پيءَ ۽ پڦي سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي سنڌ جي عوام جا مسئلا دبئي ۽ لنڊن ۾ خرچ ٿي رهيا آهن سنڌ ترقي ۾ سڄي پاڪستان کان پوئتي آهي سنڌ جو حال خراب آهي استپالن ۾ ڊاڪٽر نه آهن اسڪولن ۾ استاد نه آهن ۽ جيڪڏهن استاد آهن ته فرنيچر نه آهي مرادعلي شاهه جي تڪ چونڊ جون حالتون ڏسو ته مان ترقياتي ڪم لاءِ ملندڙ اربين رپيا ڪيڏانهن ويا ڪراچي جي ڀينگ ٿي ويئي پر ترقياتي ڪمن لاءِ پئسا نه آهن. مرادعلي شاهه سنڌ ۽ عوام جي مفاد خلاف ڪم ڪري رهيو آهي ۽ گهٻرائيندڙن جون پنهنجون ٽنگون ڪمزور آهن وزيراعظم عمران خان جي خلاف نيب ڪيس بابت فواد چوڌري چيو ته نيب وزيراعظم عمران خان کي 27 لک رپين جو هڪ بي تڪو ڪيس ڪيو آهي نيب کي هيليڪاپٽر ڪيس کي وزيراعظم کان معافي وٺڻ گهرجي فواد چوڌري چيو ته وڌيون وڏيون ڳالهيون ڪندڙ پ پ پ جو رضا رباني وڏو مزدور اڳواڻ بڻجي ٿو هو 27 سالن کان سينيٽر آهي هاڻي به مان ۽ هو گڏ هڪ جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين سڌسماءِ جي وفاقي وزير جي حيثيت سان مان اڪانومي ڪلاس ۾ سفر ڪيو جڏهن ته سينيٽر رضا رباني 27 سالن کان بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪري ٿو هو وزيرن واري ڪالوني ۾ رهي رهيو آهي منسٽر ڪالوني ۾ رهڻ ۽ فرسٽ ڪلاس جو سفر رضا رباني جو استحقاق نه آهي نظام کي سپورٽ ڪيون ٿا پر تبديلي آڻٽر آهي اسان حوصلو ڏيڻ آيا آهيون پي ٽي آءِ سميت ملڪ ۾ ٻي ڪائي پارٽي نه بچندي صحافي فواد چوڌري کان سوال ڪيو ته پي ٽِي آءِ جي حڪومت آئي ته پيٽرول جي قيمت ڇا هئي فواد چوڌري چيو ته ملڪ ۾ تيل ۽ غريبن جون سموريون شيون سستيون آهن رڳو ڪجهه شين کان سواءِ سبزي جي قيمت گهٽجي ويئي آهي پر وڏن ماڻهن لاءِ قيمتون وڌي ويون آهن پر غريب لاءِ قيمت گهٽجي ويئي آهي اسان جي حڪومت غريبن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهي آهي هن چيو ته حڪومت جلد ميڊيا اشتهارن بابت 50 ڪروڙ جاري ڪيا آهن نون اشتهارن بابت پاليسي آڻي رهيا آهيون اشتهارن کي ماڻهن جي پگهارن ۽ نوڪرين جي گارنٽي سان جوڙينداسين فواد چوڌري چيو ته سنڌ ۾ ڪراچي لاءِ وڏو چئلينج پاڻي بابت آهي اسان چاهيون ٿا ته وفاق جو سنڌ کي ڏنل پئسو صحيح نموني خرچ ٿئي وفاق جو پئسو صحيح نموني خرچ ٿئي ها ته اڄ سنڌ جو هي حال نه هجي ها. اطلاعات واري وفاقي وزير سنڌ ۾ تبديلي لاءِ فاروڊ بلاڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪندي دعويٰ ڪئي ته صوبي ۾ تبديلي لاءِ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن اسان سان رابطو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اومني گروپ جو ڏيئو مهٽن سان جيڪو جن سامهون ايندو آهي اهو مراد علي شاهه آهي، ان کانپوءِ ماڻهن جا جعلي اڪائونٽس به کلن ٿا ۽ ٻيا ڪم به ٿيندا آهن، ان لاءِ مراد علي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي کي موقعو ڏيڻ چاهيون پيا، ڇاڪاڻ ته مراد علي شاهه سنڌ جي عوام جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، ان ڪري پيپلز پارٽي پاڻ ان تي سوچي ۽ پنهنجي وڏي وزير کان استعيفيٰ وٺي، ان ماڻهن سنڌ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. فواد چوڌري دعويٰ ڪئي ته پ پ پ جا ميمبر به اهڙي صورتحال تي خوش آهن، پيپلز پارٽي جا سنجيده ماڻهو تبديلي چاهين ٿا، ان لاءِ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن اسان سان رابطو ڪيو آهي، جيڪي ماڻهو عوام جي ويجهو آهن اهي تبديلي جي ڳالهه ڪندا، تبديلي جو سفر هاڻي شروع ٿي چڪو آهي، چاهيون ٿا ته پ پ پ پاڻ تبديلي آڻي، اسان موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن هي فائدو کڻڻ نٿا چاهين ته يقيني طور تي عملي قدم کڻڻا پوندا ۽ پ پ پ جي اڪثريت سنڌ ۾ اسان جو ساٿ ڏيندي، سنڌ حڪومت جي تبديلي لاءِ فارورڊ بلاڪ جوڙينداسين، تبديلي اڻٽر آهي. هن پ پ پ چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو ته بلاول اڃا ٻار آهي ۽ ٻار غير سياسي هوندا آهن، منهنجي خيال ۾ بلاول جو سنڌ جي حالتن سان ڪو واسطو انهي. هن چيو ته مراد علي شاهه جي پنهنجي تڪ ۾ ڊاڪٽر ۽ دوائون ناهن، ان جي اسڪولن ۾ استاد ۽ فرنيچر ناهي، ڪراچي جو ڇا حشر نشر ڪري ڇڏيو اٿن. فواد چوڌري رات جو بهادر آباد وڃي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم سيمت اتحادي جماعتن جو خدشا ختم ڪيا ويندا.

 

9Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں