حڪومت هلائڻ ۽ نه وري ڊڪٽيٽ ڪرڻ چاهيون ٿا پر حڪومت ڊيم ٺاهڻ ۾ سنجيده نٿي لڳي: چيف جسٽس

1Shares

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان ڪم نه ٿا ڪري سگهو ۽ هن ملڪ لاءِ اوهان جي محبت گهٽ ٿي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ نئين گاج ڊيم بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ ناڻي وارو وزير اسد عمر عدالت ۾ پيش ٿيو.  چيف جسٽس پاڪستان ناڻي واري وزير اسد عمر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته اوهان ڪم نه ٿا ڪري سگهو، هن ملڪ لاءِ اوهان جي محبت گهٽ ٿي وئي آهي، بيوروڪريسي وٽ ڪم ڪرڻ جو جذبو ۽ نيت ئي ناهي، اسان تمام خلوص سان چاهيون پيا ته معاملو حل ٿئي، مون کي نه ٿو لڳي ته حڪومت ديم ٺاهڻ  تي سنجيدا آهي. اسد عمر عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته اهو معاملو جڏهن ايڪنڪ ۾ ايندو آهي ته منهنجي علم ۾ ايندو آهي ڪالهه نئين گاج ڊيم جي حوالي سان ايڪنڪ ۾ درخواست آئي، اسان اهو معاملو ڪابينا کي موڪلي ڇڏيو. ان تي چيف جسٽس ناڻي واري وزير سان ڳالهايو ته پوءِ اوهان جي حڪومت ۾ ڪوآرڊينيشن ناهي، اسد عمر جواب ڏنو ته ٿي سگهي ٿو جناب. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسين حڪومت کي ڊڪٽيٽ نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ نه وري حڪومت هلائڻ چاهيون ٿا، اسان بنيادي حقن بابت ڪم ڪيو آهي. عدالت ايڪنڪ اجلاس جي فوري بعد ان جي فيصلن بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں