“وڌندڙ آبادي تي ضابطن لاءِ جوڳا قدم کڻو” سنڌ اسيمبلي ۾ٺهراءُ هڪ راءِ منظور

0Shares

 ڪراچي  (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ بابت متفقه طور ٺهراءَ منظور ڪري ورتو، تفصيل موجب ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، اجلاس ۾ تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت رسول مقبول کان پوءِ پرائيويٽ ميمبرز ڊي جي موقعي تي متحده جي عورت ميمبر رعنا انصار پاران آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت هڪ ٺهراءَ پيش ڪيو ويو جنهن کي ايوان متفقه طور تي منظور ڪري ورتو.  ٺهراءَ جي حمايت ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت کي ان حوالي سان پنهنجي ذميدارين جو احساس آهي، ان شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم به سنڌ ۾ ٿيو آهي، ليڊي هيلٿ ورڪرز جو پروگرام شهيد بي بي شروع ڪيو هو. ٿر ۾ 500 ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ضرورت آهي ۽ ڪراچي ۾ 15 سئو ليڊي هيلٿ ورڪرز ڀرتي ڪيون وينديون. هن چيو ته آبادي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مختلف ذريعا استعمال ڪرڻ جي شرح وڌي آهي پر ڪراچي ۾ جتي غير مقامي ماڻهو تمام وڏي تعداد ۾ رهن ٿا انهن ۾ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ وارا ذريعا استعمال ڪرڻ وارو رجحان وڌيو نه پر گهٽيو آهي، سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته ان حوالي سان عوامي شعور بيدار ڪيو وڃي. هن نشاندهي ڪئي ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي ٻارڙن جي پيدائش ۾ وقفي واري شرح وڌي آهي. ڊاڪٽر عذرا فضل ٻڌايو ته سنڌ ۾ نجي شعبي ذريعي آبادي ۾ ڪنٽرول ڪٽس ورهائي رهيا آهيون، نصاب ۾ فيملي ويلفيئر ۽ لائيف اسڪلز کي شامل ڪيو ويو آهي، صوبي جي 200 اسپتالن کي فيملي پلاننگ جو درجو ڏنو آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت پنهنجي طور تي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي به خاندان جي بهبود ۽ منصوبابندي لاءِ عورت ۽ مرد ٻئي پنهنجون ذميواريون نڀائين ۽ گڏيل مشاورت سان اهو طئي ڪيو وڃي ته خاندان کي ڪيترا ٻار گهرجن. قرارداد پيش ڪندڙ رعنا انصار چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان اهي صوبا آهن جتي ان حوالي سان ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، نصاب ۾ به ان حوالي سان آگاهي لاءِ مضمون شامل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته گهٽ ٿيندڙ وسيلن ۾ مسئلا وڌي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان به وڌندڙ آبادي تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي، آبادي جي رفتار ۾ اسان بنگلا ديش، چين ڀارت ۽ خطي جي ٻين ملڪن کي به پوئتي ڇڏي ڇڏيو آهي. بهبود آبادي وارو کاتو ان بابت ڪجهه ڪونه پيو ڪري. هن چيو ته ڪراچي ۾ انفرااسٽرڪچر هڪ ڪروڙ جو آهي پر شهر جي آبادي 3 ڪروڙ تائين پهچي وئي آهي. ايم ايم اي جي سيد عبدالرشيد قرارداد جي مخالفت ڪندي چيو ته آبادي ڪنٽرول پروگرام بجاءِ آبادي جي ڀلائي جو پروگرام شروع ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته رزق ڏيڻ جو واعدو الله تعاليٰ ڪيو آهي. هن چيو ته ڀارت ۽ چين آبادي ۾ اسان کان وڌيڪ آهن الله پاڪ پنهنجي مخلوق کي پالي رهيو آهي. مسئلن ۾ نڪرڻ چاهيو ٿا ته پنج وقت نماز پڙهو. تحريڪ لبيڪ جي مفتي قاسم فخري چيو ته وڌندڙ آبادي مسئلو آهي، بهبود آبادي واري کاتي کان پڇيو وڃي ته 10 سالن ۾ هنن ڪهڙو ڪم ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ چيو ته ٿر ۾ ننڍي عمر جي شادين ۽ ٻارن جي صحت جو مسئلو آهي. ٿر ۾ بهبود آبادي جي آگاهي جو ڪو پروگرام ناهي، صحتمند ٻار ۽ ماءُ لاءِ ٽن سالن جو وقفو ضروري آهي، بعد ۾ ايوان هي قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتي تنهن بعد اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي اڄ اربع ڏينهن صبح جو 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. َ

 

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں