بينظير قتل ڪيس: مشرف جي ٻن منجمند اڪائونٽن مان رقم ڪڍرائڻ جو انڪشاف، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

6Shares

راولپنڊي(م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بينظير قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران اشتهاري جوابدار مشرف جي ٻن بند پيل بينڪ اڪائونٽس مان رقم ڪڍرائڻ جي انڪشاف تي عدالت طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. ياد رهي ته راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 31 آگسٽ 2017ع تي بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيندي سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت راولپندي جي جج اصغر خان اڄ بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته اڳوڻي صدر ۽ ڪيس جي اشتهاري جوابدار پرويز مشرف جي ٻن بند پيل بينڪ اڪائونٽس مان رقم ڪڍرائي وئي آهي. جنهن تي عدالت سخت نوٽيس وٺندي چيو ته 2 بينڪن جي بند پيل اڪائونٽس مان رقم ڪنهن ۽ ڪيئن ڪڍرائي؟. عدالت ايس ايڇ او ايف آءِ اي ٿاڻي کي نوٽيس جاري ڪندي 15 فيبروري تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

 

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں