مخالف ڌر واڪ آئوٽ ڪري اين آر او حاصل ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم

1Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر پاران واڪ آئوٽ جا بهانا آهن ته جيئن اين آر او وٺي سگهجي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هر سال پارليامينٽ تي ٽيڪس ڀريندڙن جا اربين رپيا خرچ ٿين ٿا، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران واڪ آئوٽ ظاهر ڪري ٿو ته کين اهو ئي ڪم اچي ٿو، مخالف ڌر پاران واڪ آئوٽ دٻاءُ جو بهانو آهي ته جيئن اين آر او وٺي سگهن. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر خلاف ڪيس آهن، پي ٽي آءِ ناهن ٺاهيا پر مخالف ڌر دٻاءُ وڌائي نيب ۾ ڪرپشن ڪيسن کان احتساب ۾ بچڻ چاهي ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽيڪس ادا ڪندڙن جي اربين رپين سان هلندڙ پارليامينٽ مان مخالف ڌر واڪ آئوٽ ڪري رهي آهي، ڇا جمهوريت جو مطلب اهو آهي ته چونڊيل سياسي قيادت کي ڪرپشن کان ڇوٽ حاصل هجي؟ ائين پيو لڳي ته جيئن چونڊيل نمائندن کي اليڪشن کانپوءِ ڦرلٽ جو لائيسنس ملي ويندو آهي: عمران خان جو ٽوئيٽ

 

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں