سپريم ڪورٽ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي خلاف نظرثاني اپيل خارج ڪري ڇڏي

2Shares

اسلام آباد  (بيورو) سپريم  ڪورٽ جهانگير ترين  جي نااهلي خلاف نظرثاني اپيل خارج ڪري ڇڏي. تفصيل  موجب سپريم ڪورٽ پاران تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي تاحيات  نااهلي ۽ نظر ثاني  ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري  ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي لکت واري فيصلي ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار  پاران  ڄاڻايو ويو آهي ته جهانگير ترين هائڊ هائوس  جوبينيفيشنل مالڪ آهي، ان جو وڪيل عدالت کي مطمئن ڪري نه سگهيو جهانگير  ترين وٽ ٽرسٽ جي متعلق  فيصله  جو اختيار آهي هائيڊ هائوس جي لاءِ زمين ۽  خريداري جي لاءِ  جهانگير ترين  پاڪستان کان پئسو موڪليو نامعلوم  وجهه  ڪري  هائيڊ  هائوس ۽ آف شور ڪمپني جي ملڪيت تي پردو وڌو ويو.  چيف جسٽس چيو ته  عوامي  عهدو رکڻ وارن لاءِ اثاثا  ۽ آمدني ظاهر ڪرڻ لازمي آهي، اثاثا لڪائڻ تي آرٽيڪل 62 ون ايف متحرڪ ٿي وڃي ٿو:

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں