شريف خاندان جي سزا معطلي خلاف نيب جي اپيل رد، بدقسمتي سان نواز شريف جيل ۾ آهي: سپريم ڪورٽ

3Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئٽپن صفدر جي سزائن جي معطلي جي خلاف نيب جي اپيل خارج ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽجو فيصلو برقرار رکڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي سومر تي ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي بئنچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس آصف سعيد کوسه، جسٽس گلزار، جسٽس مشيرعالم، ۽ جسٽس مظهرعالم شامل هئا ٻڌڻي شروع ٿي ته نوازشريف جو وڪيل خواجه حارث مريم نواز جو وڪيل امجد پرويز عدالت ۾ پيش ٿيا خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته مان 17 قانوني نقطه جمع ڪرايا آهن چيف جستس چيو ته اسان کي ناهي خبر ته اسان هي سمورا نقطا ٻڌون ٿا يا نه چيف جسٽس چيو ته اسان اوهان کي ٻعد ۾ ٻڌنداسين پهريان نيب جي وڪيل کي ٻڌي وٺون ٿا چيف جسٽس نيب جي وڪيل کي چيو ته اسان کي سڀ خبر آهي ان کان هٽي اوهان ڪهڙي بنياد تي ضمانت منسوخ ڪرڻ جو اختيار هو نيب وڪيل چيو ته ضمانت جي ڪيس ۾ ميرٽ کي نٿو ڏسي سگهجي جڏهن ته هاءِ ڪورٽ ميرٽ کي ڏٺو نيب جي وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ خاص حالتن کي بنياد بڻايو جسٽس گلزار احمد چيو ته پر ضروري نه آهي ته هي حالتون سچ پچ ۾ اهڙيون هجن چيف جسٽس ضمانت ته هاڻي ٿي ويئي آهي بيشڪ غلط اصولن تي ٿي هجي چيف جسٽس چيو ته اوهان اسان کي مطئن ڪريو ته اسان ڇو سزا معطلي جي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنيون جسٽس گلزار احمد چيو ته اوهان ضمانت ڪهڙن بنيادن تي منسوخ ڪرڻ چاهيون ٿا نيب جي وڪيل جواب ڏنو ته مان سپريم ڪورٽ جي ڪيسن جي بنياد تي ئي چئي رهيو آهيان نيب جي وڪيل چيو ته رڳو هارڊ شپ جي اصولن تي ضمانت ٿي سگهي ٿي نيب جي وڪيل چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز جي ضمانت هارڊ شپ جي اصولن تي ناهي ٿي چيف جسٽس نيب جي وڪيل کي چيو ته هڪ شئي سمجهي ڇڏيو عبوري حڪم ڪڏهن به حتمي ناهي هوندو چيف جسٽس چيو ته عبوري حڪم حتمي حڪم تي اثرانداز به ناهي ٿيندو جسٽس گلزار احمد چيو ته جنهن بنياد تي نوازشريف کي سزا ٿي انهي بنياد تي ان جي ضمانت به ٿي جسٽس گلزار احميد چيو ته اوهان ته ان بنياد کي چئلينج ئي ناهي ڪيو جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته هاءِ ڪورٽ پاڻ چيو ته آبزرويشن حتمي نه آهي جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته رڳو وڏي بيماري جي ڪري ضمانت ٿي سگهي ٿي جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ غير ضروري طور تي تجاوز ناهي ڪيو نيب وڪيل چيو ته هارڊشپ جي بنيادن تي ضمانت ناهي ٿي جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسه چيو پر هي ڪوئي اوهان جو ٺوس بنياد نه آهي جنهن کان پوءِ عدالت اڳوڻي وزيراعطم ميان نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي سزا جي معطي جي خلاف نيب اپيلون خارج ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

 

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں