اسلام آباد (بيورو) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت کي اندران ئي اڏوهي کائي رهي آهي ۽ ان کي اسان نه ڪيرائينداسين پر پاڻ ئي ڪِرندي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته هن وقت سموريون پارٽيون سوچي رهيون آهن ته نيب چيئرمين وٽ وڃن، مان چوان ٿو توهان ڇو انهن وٽ وڃو ان کي پارليامينٽ سامهون حاضر ٿيڻ گهرجي، منهنجي اها ڳالهه ناهي، مان وڏا نيب ڏٺا آهن ۽ ڏسندو رهندس، ڳالهه اها آهي ته جنهن ڏينهن حڪومتي ميمبرن کي گهرايو ويندو ته ان ڏينهن ڇا ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اسان کي ئي پارليامينٽ کي عزت ڏيڻي آهي ۽ ان کي مضبوط ڪرڻو آهي، جيتري منهنجي طاقت هئي پارليامينٽ کي مضبوط ڪندو آيو آهيان، اڳتي به پارليامينٽ کي عزت ڏينداسين ۽ مضبوط ڪنداسين. هن چيو ته عالمي امداد پاڪستان ۽ ان جي ادارن کي ان ڪري ملي رهي آهي، ڇو ته اسان جا دوست ملڪ پاڪستان کي ناڪام رياست طور نٿا ڏسڻ چاهين، ان امداد سان سمورا معاشي معاملا ٺيڪ ته نه ٿيندا پر سهارو ملندو، جيڪڏهن بنا سوچي سمجهي فيصلا ٿيندا رهيا ته ملڪ کي سنڀالي نه سگهبو، توهان جڏهن هڪ ناڪام رياست ڏانهن هليا ويا ته ڪير توهان کي بچائي نه سگهندو، چين به توهان کي نه بچائي سگهندو، ڇو ته هر ملڪ پنهنجي مفاد کي ڏسندو آهي. جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ٺهندڙ جي آءِ ٽي جي حوالي سان آصف زرداري چيو ته اهو غير آئيني قدم ۽ وقت جو زيان آهي، منهنجي خيال ۾ وقت اچي ويو آهي ته پارليامينٽ نيب چيئرمين کي طلب ڪري ۽ اسان هتي قانون منظور ڪيون ته سياستدانن خلاف ڪيس جو جائزو نيب کان اڳ پارلياماني ڪميٽي کي وٺڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ادارا تباهه ٿي چڪا آهن ۽ ڪو ادارو ڪم نه پيو ڪري، حڪومت کي اندران ئي اڏوهي کائي رهي آهي، هونئن به هيءَ هٿ ٽنگيندڙن جي حڪومت آهي الائي ڪيترا ڏينهن هلندي، ان جهنگ ۾ هر پاسي کان ماڻهو آڻي ڀَريا ويا آهن، اسان حڪومت نه ڪيرائينداسين، ڇو ته اها پاڻ ئي ڪرندي پر حڪومت کي صلاح آهي ته نيب کي ٽائٽ ڪري ته جيئن ملڪ هلڻ لڳي. آصف زرداري چيو ته سنڌ جا ماڻهو پاڻي لاءِ ترسي رهيا آهن، انڊس ڊيلٽا جي 9 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي، حڪومت کي اندران ئي اندر اڏوهي کائي رهي آهي، ان لاءِ سيڪريٽريز فائلن تي صحيحون ڪرڻ کان ڊڄي رهيا آهن، جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ٻين ادارن جي ماڻهن کي شامل ڪرڻ آئين ۽ قانون کان مٿانهون قدم آهي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته جنهن طريقي سان مهمند ڊيم جو ٺيڪو ڏنو ويو، ان تي سواليا نشان لڳي ويو آهي. هن چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت هئي ته بجلي جو بحران هو ۽ لکين ماڻهو بي روزگار ٿي رهيا هئا، ان صورتحال جو ڪنهن هڪ حڪومت کي ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي، ن ليگ جنگي بنيادن تي لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو، 3 ايل اين جي منصوبا لڳايا ويا ۽ چوٿين جو بنياد رکيو، ايل اين جي منصوبن ذريعي 160 ارب رپين جي بچت ڪئي وئي. هن چيو ته بجلي بحران ٻيهر ڪَر کڻي رهيو آهي، اڄ لوڊشيڊنگ جو سبب حڪومت جي نااهلي آهي، فرنس آئل سان مهانگي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته گئس سان بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽس مان 100 سيڪڙو بجلي حاصل نه پئي ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، غريب ماڻهو جي حالت ڪنهن کان لڪل ناهي، دوائن جون قيمتون به 9 کان 15 سيڪڙو تائين وڌايون ويون آهن، بدترين غفلت سبب عوام تي مهانگائي ۽ بيروزگاري جو جبل ڪِري پيو آهي، ملڪ ۾ سرڪلر ڊيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ازدها بڻجي اُٿي رهي آهي، ان تي ڌيان ڇڪائڻ جو نوٽيس آڻينداسين. شهباز شريف چيو سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب عمارتن جي مهرباني آهي جو اهي پاڪستان جي مدد لاءِ آيا، دوست ملڪن طرفان پاڪستان کي امداد ۾ وزيراعظم يا حڪومت جو ڪو ڪمال ناهي، امداد ملڻ جو سڄو ڪردار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو آهي. هن چيو ته ڊيم ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ ن ليگ جي دور ۾ نواز شريف مهمند ڊيم لاءِ 2 سئو ارب رپيا رکيا، جنهن طريقي سان مهمند ڊيم جو ٺيڪو ڏنو ويو، ان تي سواليا نشان لڳي ويو آهي، اها درست ڳالهه آهي ته مهمند ڊيم منصوبي جو پراسيس شروع ڪيو ويو پر ٺيڪو گذريل حڪومت نه پي ٽي آءِ حڪومت ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته پيپرا قانونن ۾ سنگل بڊ جي اجازت آهي پر ڊيم جي اڏاوت ۾ 5 کان 6 سال لڳندا ته پوءِ هنگامي قدمن جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ پراسيس ٻيهر شروع ڪري سگهجي ها. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن ٺيڪي جي ٻيهر بڊنگ شروع ڪئي وڃي ها ته ڪهڙي قيامت اچي ها؟ اها هڪ ٺيڪي جي ڳالهه ناهي پر 309 ارب رپين جو معاملو آهي. هن چيو ته هڪ بڊ رهجي وئي هئي ۽ ان جو ٺيڪو ايوارڊ ڪيو ويو، پيپرا جي شق موجود آهي پر گنجائش موجود هئي ته شفاف بڊنگ پراسيس ڪيو وڃي ها، اسان جي دور ۾ بڊنگ پراسيس کي فالو ڪيو ويو، حويلي بهادر منصوبي لاءِ هڪ بڊ آئي هئي پر اسان ٻيهر بڊنگ ڪرائي. هوڏانهن آبي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا جي تقريب کان اڳ ئي اپوزيشن جماعتن قومي اسيمبلي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. اسد قيصر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ان وقت گرما گرمي پيدا ٿي، جڏهن مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي تقرير کانپوءِ وفاقي وزير فيصل واوڊا ڳالهائڻ لاءِ اٿي بيٺو. فيصل واوڊا جي تقرير شروع ٿيندي ئي اپوزيشن پارٽين اجلاس جو بائيڪاٽ شروع ڪري ڇڏيو پر وفاقي وزير پنهنجي تقرير جاري رکي. فيصل واوڊا چيو ته هڪ شخص مجرم جيل مان اچي تقرير ڪري ماڻهن کي گمراهه ڪندو آهي، مهمند ڊيم بابت غلط بياني ڪئي وئي، اها سازش ڊيم نه بڻجڻ جي حوالي سان آهي. ان موقعي تي خواجه آصف چيو ته ايوان ۾ نه وزيراعظم اچي ٿو ۽ نه ئي ناڻي وارو وزير ٿو اچي، ڌمڪي سان ايوان نه هلندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟