“وفاق بنادير قومي مالياتي ايوارڊ جي جوڙجڪ ڪري” سنڌ اسيمبلي ۾ مهملي رٿ هڪ راءِ منظور

4Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي  ندا کھڙو جي اين ايف سي ايوارڊ کي ترجيح نه ڏيڻ ۽ نائين اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ بابت مھملي واري تحريڪ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي، اسيمبلي ميمبرن  وفاق کان مطالبو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ آبادي جو سيڪڙو گهٽائي ان ۾ غربت ، ايريا کي پڻ شامل ڪيو وڃي، سرڪاري ۽ مخالف ڌر ميمبر اهم مسئلي تي به پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف، هڪٻئي تي الزام، احتجاج،  ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس منو ڪلاڪ دير سان منجهند جو پوڻين چئين وڳي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ شروع ٿيو جيڪو چار ڪلاڪ کان وڌيڪ ساڍا اٺين وڳي تائين جاري رهيو، ايوان ۾ پ پ جي عورت ميمبر ندا کهڙو پاران اين ايف سي ايوارڊ بابت مهملي واري رٿ تي بحث ڪيو ويو جنهن تي پ پ ايم پي اي ندا کهڙو ڳالهائيندي چيو ته  وفاقي حڪومت پاران پنھنجن شروعاتي 100 ڏينھن ۾ اين ايف سي ايوارڊ کي ترجيح  نه ڏني وئي آهي، هاڻي   اين ايف سي نو فنڊ ڪمنگ ڪميشن آھي، سنڌ کي ان جو جائز حصو نه ٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته پي ٽي آءِ  حڪومت جي ٽيم شيخ چلي واري منصوبي تي ڪم ڪري رھي آھي، مرغي ۽ آنا خريد ڪري ڪروڙ پتي بڻجڻ وارو  ھنن جي خواب ملڪ کي اقتصادي طور تي تباھ ڪري ڇڏيو آھي . نوازشريف جي حڪومت  ۽ پوءِ ايندڙ حڪومت سنڌ کاي اين ايف سي ايوارڊ هٿ وٺي نه ڏنو آهي، سنڌ کي ته ناڻي، گئس، بجلي ۽ پاڻي کان به محروم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ جي حصي مان 90 ارب رپيا  ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، سنڌ جي حصي مان ڪٽوتي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ اھڙي عمل کي سنڌ مٿان راتاھو سمجھيو ويندو.ندا کھڙو چيو ته  وفاقي حڪومت مديني جي رياست جي ڳالهه ڪري ٿي پر ان صرف ۽ صرف هڪ اسلامي ڪم ڪيو آهي ته هڪ ڪڪڙ ۽ 4 ڪڪڙيون وٺڻ جي ترغيب ڏني آهي، هن چيو ته حدخلين جي آڙ ۾ غريبن جا گهر ڊاهي بني گالا کي بچايو ويو، ڳالهائڻ تي مخالف ڌر وارا ٻارن وانگر واڪ آئوٽ ڪري وڇن ٿا،، جلد نئين اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان ڪيو وڃي، سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو ورتاء بند ڪيو وڃي نه ته روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو ويندو، ان دوران مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان ۾ احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو،  ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف ڳالهائيندي چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ سرڪار سان گڏ آهيون پر سنڌ سرڪار کي صوبائي مالياتي ڪميشن تي به عمل ڪرڻ گهرجي، لوڪل گورنمينٽ کي پئسا نه ٿا ڏنا وڃن،  پي ٽي آءِ جي ميمبرن عمر عماري چيو ته اين ايف سي ايوارڊ مان ملندڙ رقم ڪٿي خرچ ٿي ان جو به حساب ڏيڻ گهرجي، احتساب ھر صورت ۾ ٿيندو ، پ پ ايم پي اي گهنور اسراڻ چيو ته سنڌ صوبو وفاق کي 70 سيڪڙو روينيو ڏئي ٿو پر موٽ ۾ ان کي وفاق سندس حصوبه نه ٿو ڏئي، سنڌ کي جائز حصو نه مليو ته سنڌ جو عوام پنھنجي حقن لاء آواز اٿارڻ جو حق محفوظ رکي ٿو ، 100 ڏينھن جي پلان ۾ اين ايف سي ايوارڊ شامل نه ھو ،ايم ايم اي جي ايم پي اي  سيد عبدالرشيد چيو ته  سنڌ جا 90 ارب رپيا وفاق ڏانھن رھيل آھن اھي ادا ڪيا وڃن،  سنڌ ۽ بلوچستان جون محروميون ختم ڪيون وڃن، سنڌين ۽ مھاجرن کي پاڪستاني سمجھيو وڃي .ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ته پ پ جي ايم اين ايز ۽ سينٽرن وفاق ۾ اين ايف سي لاءِ ڪيترو آواز اٿاريو آهي، پ پ جي وفاقي ۽ صوبائي نمائندن کي اسلام آباد ۾ گڏ ٿي آواز اٿارڻ گهرجي،  جي ڊي اي جي عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته اين ايف سي تي مهملي واري رٿ پيش ڪندڙ کي تقرير ڪنهن لکي ڏني آهي، کيس تقرير به ڪرڻ نه ٿي اچي،  پ پ جي  تيمور ٽالپر  چيو ته  تبديلي جي ڳالهھ ڪندڙن کي جن ماڻھن ووٽ ڏنا اھي مهانگائي سبب  اڄ روئي رھيا آھن، ڊالر مهانگو، دوائون مهانگيون ڪيون ويون آهن، عمران خان پنهنجي ڪيل واعدن تي پورو نه لٿو، هاڻي صادق ۽ امين نه رهيو آهي، کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي،    جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ سرڪار اين ايف سي ۾ حصو گهري ٿي پر 35 ارب رپيا ڪرپشن ڪري اومني جي کيسي ۾ وڌا ويا، آڊيٽر جنرل جي رپورٽ موجب 15 هزار ارب بجيٽ کاڌي وئي آهي،   پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ چيو ته   پ پ جي حڪومت ۾ 900 ارب رپيا ليپس ٿي ويا ,اومني گروپ جو احتساب ٿيندو ,اسڪولن ,اسپتالن جا پئسا ليپس ٿي ويا، ھنن کي رڳو مال کپي، کين ڪم ڪرڻو نه آهي، مال ڪمائڻو آهي، اسان کي ته شرم اچي ٿي ته ھن ايوان جي قائد جو نالو جي آء ٽي ۾ شامل  آهي، هن چيو ته  لاڙڪاڻي ۾ سٽي اسڪين ناھي ، سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون ناھن بلاول ڀٽو زرداري جي تڪ ۾ اسڪول ۾ ٻار ھيٺ پٽ تي ويھي پڙھن ٿا، سرڪاري ميمبر اعلان ڪن ته هو پنهنجو ۽ ٻارن جو علاج سرڪاري اسپتالن مان ڪرائيندا، پ پ جي امداد پتافي چيو ته  عارف مصطفي جتوئي جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرايو وڃي، ملڪ مٿان عذاب آيل آهي، صنعتڪار توڙي هاري روئن پيا، هاڻي حڪمران ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ ڇڏي ويندا،  ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار الحسن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تي اهم بحث ٿئي پيو، پر ايوان ۾ وڏو وزير ۽ ناڻي وارو وزير موجود ئي نه آهن، لکيل تقرير عوام جي ترجماني نه ٿي ڪري مخالف ڌر جي ميمبرن جي تنقيد صحيح آھي، هن چيو ته وفاق سان اين ايف سي ايوارڊ جي معاملي تي گڏ آهيون پر صوبائي فنانس ڪميشن لاء پارليماني پارٽين کي اعتماد ۾ ڇو نه ٿو ورتو وڃي،  پ پ جي صوبائي وزير  سيد سردار شاھ چيو ته  اين ايف سي تي فوڪس ڪرڻ بدران اومني تي ڳالھايو ويو ، اومني فوبيا مان ٻاھر نڪرڻو پوندو،   اين ايف سي ايوارڊ يعني فنانس کانسواء نه ته صوبو ھلي سگهي ٿو نه وفاق، هن چيو ته  اين ايف سي ۾ آبادي جي سيڪڙو کي گهٽائي ان ۾ غربت ،ايريا کي پڻ شامل ڪيو وڃي، باقي صوبائي فنانس ڪميشن اسان جي گهر جو مسئلو آھي، ان مسئلي کي به مڃون ٿا پر ان کي اسان گڏجي ويھي نبيري وٺندا سين. ان بعد صوبائي وزير مڪيش ڪمار مهملي واري رٿ پڙهي ٻڌائي جيڪا يڪراءَ منظور ڪئي وئي ان بعد اجلاس جي ڪارروائي جاري هئي ته اسپيڪر اجلاس اڄ صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں