سپريم ڪورٽ ايف بي آر ۾ پيش نه ٿيندڙن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

1Shares

اسلام آباد(بيورو) ايف آءِ اي يو اي اِي ۾ وڌيڪ 96 پاڪستانين جي ملڪيت جو پتو لڳائي ورتو آهي.  سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بئنچ پرڏيهه ملڪ ۾ بئنڪ اڪائونٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان سلسلي ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو جو آڊٽميمبر ۽ ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ به عدالت ۾ پيش ٿيا.  ايف آءِ اي پرڏيهه پاڪستانين جي ملڪيتن بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گڏيل عرب امارات ۾ وڌيڪ 96 پاڪستانين جي ملڪيتن جو پتو لڳايو ويو آهي. ايف آءِ اي جي رپورٽ مطابق يو اي اي ۾ ملڪيت رکندڙ پاڪستانين جو انگ 1211 ٿي ويو آهي ۽ اهڙن ماڻهن جون گڏيل عرب امارات ۾ 2154 ملڪيتون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو ته وڌيڪ 341 ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ملڪيت رکندڙ 61 ماڻهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته هڪ شخص مفرور، 5 محروم آهن ۽ 10 ايف آءِ اي سان سهڪار نه ڪري رهيا آهن. ايف آءِ اي جي رپورٽ مطابق 97 ماڻهن يو اي اي ۾ ملڪيتن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي ۽ 167 ماڻهن خلاف انڪوائري بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 79 ماڻهن ايف بي آر وٽ پنهنجا ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرايا آهن. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار پرڏيهي اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته جيڪي ماڻهو ايف بي آر ۾ پيش نه ٿيا، انهن جون ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪي ڄاڻ ڏني وئي، ان مطابق ايف بي آر جي رڪورين جي رفتار گهٽ آهي، ايف بي آر کي شريفن جو ٿاڻو چيو ويندو آهي، هن وقت تائين شريفن کي اندر ويهارڻو گهرجي ها، جيڪي ماڻهو ايف بي آر ۾ پيش ناهن ٿيا انهن جون ملڪيتون ضبط ڪري ڇڏيو، جيڪي ماڻهو پرڏيهه ۾ ملڪيتن کي مڃي ويٺا آهن اهي ڏنڊ ادا ڪن ته پاڪستان جي حالت بهتر ٿئي، عدالت نوٽيس نه وٺي ها ته ايف بي آر اڄ به ويٺل هجي ها.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں