آءِ پي پيز معاهدن بابت رپورٽ طلب، غريب ماڻهن کان پئسا گڏ ڪري ڏنا ويا: چيف جسٽس

1Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ آءِ پي پيز ٺاهن بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ آءِ پي پيز جي اضافي ادائيگين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن ۾ توانائي وارو وزير عمر ايوب عدالت ۾ پيش ٿيو.  چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته عمر ايوب صاحب ادائيگين جو معاملو ڏٺو آهي، آءِ پي پيز سان ڪهڙي قسم جا ٺاهه ٿيا آهن، هڪ طرفا ٺاهه آءِ پي پيز سان ٿيا، غريب ماڻهن کان پئسا گڏ ڪري کين ڏنا ويا، بجلي پيدا ڪيو يا نه ڪيو ادائيگيون ڪرڻيون آهن.  توانائي واري وزير عدالت کي ٻڌايو ته ادائيگي لاءِ ساورن پاران گارنٽي ڏني وئي، ڪيپسٽي ۽ انرجي ادائيگيون ٿينديون آهن، بجلي گهرن مان سرڪار بجلي خريد ڪندي آهي، گرمين ۾ سمورن بجلي گهرن کي هلائڻو پوندو آهي، سردين ۾ بجلي جي طلب گهٽ ٿي ويندي آهي، ٺاهه تحت سرڪار پهريون سستي بجلي خريد ڪندي آهي، ٿڌ واري موسم ۾ جن بجلي گهرن مان بجلي نه وٺندا آهيون تن کي ڪيپسٽي پيمينٽ ڪندا آهيون. چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ڪيپسٽي پيمينٽ ۾ سرڪار ڪيترو پئسو ادا ڪيو، جنهن تي عمر ايوب چيو ته خانگي ٿرمل بجلي گهرن مان 46 سيڪڙو بجلي حاصل ٿيندي آهي، هائيڊرل بجلي جي صلاحيت سياري ۾ گهٽ ٿي ويندي آهي.  چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته آءِ پي پيز سان ٺاهن بابت تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي. عدالت چيو ته ڇا آءِ پي پيز جا ٺاهه ملڪي مفاد ۽ قانوني آهن، آءِ پي پيز مان ڪيتري بجلي پيدا ٿيندي آهي، عدالت آءِ پي پيز ٺاهن بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ٻڌڻي کانپوءِ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي توانائي واري وزير عمر ايوب چيو ته پشاور، ڪوئيٽا، حيدرآباد ۽ سکر ريجن ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي چوري ٿيندي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪٿي به لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي، جن علائقن ۾ بجلي بند ڪئي پئي وڃي اها لوڊشيڊنگ نه پر لوڊ مئنيجمينٽ آهي، پشاور، ڪوئيٽا، حيدرآباد ۽ سکر ريجن ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي چوري ٿيندي آهي. هن چيو ته  گئس نه هجڻ ڪري مجبوري ۾ بجلي گهرن کي فرنس آئل تي هلايو پيو وڃي، جنهنڪري مهانگي بجلي پيدا ٿي رهي آهي، جنهن جو بار قومي ناڻي تي پيو پوي، بجلي جو گردشي قرض به اسان کي ورثي ۾ مليو آهي.

 

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں