آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان کي اتحادين جي فهرست مان خارج ڪرڻ لاءِ بل پيش

2Shares

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي حڪومت طرفان افغان جنگ جي پرُامن پڄاڻي جي لاءِ اسلام آباد سان رابطن کي هٿي جي باوجود آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان کي آمريڪا جي اهم غير نيٽو اتحادين جي فهرست مان خارج ڪرڻ جي لاءِ بل پيش ڪيو ويو. ميڊيا جي رپورٽن موجب ڄاڻايل بل حڪومت جيان ريپلڪن پارتي سان تعلق رکندڙ ڪانگريس جي ميمبرن اينڊي بگز پيش ڪيو جنهن ۾ ان فهرست ۾ ٻيهر شموليت جي لاءِ نيون شرطون پيش ڪيون ويون. بل جي موجب جيڪڏهن ڪو آمريڪي صدر پاڪستان کي ٻيهر ان فهرست ۾ شامل ڪرڻ چاهيندو ته هن ڪانگريس ۾ ان ڳالهه جي تصديق پيش ڪرڻي پوندي ته پاڪستان ڪاميابي سان ملڪ ۾ حقاني نيٽ ورڪ جي محفوظ ٿاڪن ۽ آزاداڻي لڏ پلاڻ کي روڪڻ جي لاءِ فوجي ڪاررائيون جاري رکندو.  ان کان سواءِ صدر جي لاءِ ان ڳالهه جي خاطري به ضروري هوندي ته پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ جي اهم اڳواڻن ۽ ويڙهاڪن جي گرفتاري ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ۾  اڳڀرائي ڪئي آهي. اتحادين جي ان فهرست ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي لاءِ ڪانگريس جي هڪ ٻئي تصديق نامي جي ضرورت پوندي ته پاڪستان حقاني نيت ورڪ کي پاڪستاني سر زمين جي استعمال کان روڪڻ جو عهد پورو ڪيو ۽ افغانستان سان گڏجي پاڪ افغان سرحد تي عسڪريت پسندن جي لڏ پلاڻ کي روڪڻ جي لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو. آمريڪي قانون سازي پي سڪيل ايڇ آر 73 نالي هي ٺهراءُ ضروري ڪارروائي جي لاءِ ايوان جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي. واضح رهي ته هي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي لاءِ اينڊي بگز کي ڪنهن جو سهڪار حاصل نه ڪيو البت ان ٺهراءَ جي منظوري جي لاءِ کيس نه رڳو آمريڪي پر ڊيموڪريٽس جي به ڀرپور حمايت جي ضرورت پوندي ڇو ته ايوان ۾ ڊيموڪريٽس ميمبرن جي اڪثريت آهي.  ٻئي پساي ڪانگريس ۽ ڪانگريس ٻاهران موجود سينيئر ڊيموڪريٽس به چيو هو ته آمريڪا شام ۽ افغانستان ۾ بظاهر نه ختم ٿيندڙ ويڙهن ۾ شامل نٿو رهي سگهي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں