فلم چيٽ انڊيا جو نالو تبديل ڪرڻ کل جوڳو عمل آهي: عمران هاشمي

6Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار عمران هاشمي پنهنجي فلم چيٽ انڊيا جو نالو تبديل ڪرڻ تي ڀارتي سينسر بورڊ جي فيصلي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو  آهي. ڀارتي تعليمي نظام ۾ موجود خامين ۽ بدعنوانين بابت ٺاهيل فلم چيٽ انڊيا اڄڪلهه پنهنجي انوکي موضوع ڪري خبرن ۾ آهي، فلم ۾ عمران هاشمي مک ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته فلم جي پروڊيوسر به هو پاڻ ئي آهي. عمران خان هاشمي پنهنجي فلم بابت پراميد آهي ته اها فلم پرستارن جي معيار تي پورو لهندي، پر ڀارتي سينسر بورڊ ريليز کان رڳو هڪ هفتو اڳ فلم جو نالو تبديل ڪري عمران هاشمي کي ڪاوڙ ڏياري ڇڏي آهي.  اداڪار عمران هاشمي ڀارتي سينسر بورڊ تي ڇتي تنقيد ڪندي ان فيصلي کي کل جوڳو ۽ غير منطقي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سينسر بورڊ الزام مڙهيو آهي ته فلم جي نالي سان ڀارت جو منفي تاثر اڀرندو پر کين سمجهڻ گهرجي ته اسان جيڪو ڏيکاري رهيا آهيون اهو ئي نظام جو آئينو آهي. عمران هاشمي ڪاوڙ مان چيو ته اسان جي فلم جو ٽائٽل  هڪ سال اڳ فائنل ٿي چڪو هو، سينسر بورڊ ان نالي سان گڏ سمورن فلم ٽريلرن ۽ پروموز جي کي منظوري ڏني هئي ته پوءِ هاڻي ڇا ٿي ويو. عمران هاشمي چيو ته هاڻ مداح سياڻا ٿي ويا آهن هو فلم کي ان جي ڪهاڻي موجب جج ڪندا آهن، پرستار فلم جي مواد کي ڏسڻ ايندا آهن ٽائٽل کي نه، مونکي ڀروسو آهي ته فلم جي ٽائٽل جي تبديلي سان ان جي مواد ۽ موضوع تي ڪو به  اثر نه پوندو.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں