ڪوٽڙي (ن هه) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نااهل وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي.ڪوٽڙي ۾ پ پ پ ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر پاران ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ کي ڌانڌلي سان حڪومت ملي، وفاقي حڪومت ڄاڻي ٿي ته اها اسان کي ميرٽ ۽ ڪم ۾ شڪست نٿي ڏئي سگهي، ان لاءِ اسان خلافسازشون ڪري رهي آهي، نااهل وفاقي حڪومت جو سنڌ جي عوام سان ناروا سلوڪ آهي ۽ سنڌي عوام کي پ پ پ کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ مان ٻن رٿائن ڪوٽڙي اوور هيڊ برج ۽ ڄامشورو اوور فلاءِ اوور هيڊبرج جو افتتاح ڪرڻ آيو آهيان، سنڌ حڪومت جا هي منصوبا عوام جي فلاح لاءِ جوڙيا ويا، سنڌ حڪومت اها واحد حڪومت آهي جنهن گورننس ۽ ڊليوري کي پنهنجي ترجيح بڻايو، سنڌو درياهه تي برج هجن يا هزارين ڪلوميٽرن تي ڊگها معياري روڊ جا ڄار يا پاڻي جي بچاءَ لاءِ ڪئنال، هارين کي سبسڊي، ٿرڪول ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ، صوبي اندر مفت ۽ معياري طبي سهولتون هجن، اسان رڳو عوام جي خدمت ڪئي آهي، جنهن جو نتيجو اسان اڄ ڀوڳي رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڪٺ پتلي حڪومت سوچي رهي آهي ته ارڙهين ترميم ختم ڪري کيس فائدو ٿيندو پر جيڪڏهن هو آئين تي ڪو حملو ڪندا ته اهو وفاق لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن چونڊن کان اڳ جيڪي به واعدا ڪيا اهي سڀ ڪوڙا نڪتا، عوام لاءِ سبز باغ ڪنڊن جو هار بڻجي ويا، حڪومت جيترو اڳيان وڌي رهي آهي ملڪ اوترو پوئتي ڌڪجي رهيو آهي، اسان انتقامي سياست جو مقابلو ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت ميرٽ تي اسان جو مقابلو نٿي ڪري سگهي، پيپلز پارٽي ملڪ کي آئين ڏنو، وفاق اسان خلاف سازشون پئي ڪري، عوام جي خدمت جو نتيجو اسان ڀوڳي رهيا آهيون. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته وفاقي حڪومت ميرٽ جي ڳالهه پئي ڪري، هو اسان جي هڪ مراد علي شاهه جو به مقابلو نٿي ڪري سگهي، عمران خان حڪومت ته حاصل ڪري ورتي پر عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي رڳو ئي رڳو عوام جي خدمت ڪئي آهي، سنڌ جا ماڻهو پيپلز پارٽي سان محبت ڪن ٿا، پيپلز پارٽي جي جيالن کي نه للڪاريو. هن چيو ته معيشت جو حال برو آهي، عوام مهانگائي مان تنگ آهي، ملڪ ۾ غريبن جا چلها ٿڌا ٿي رهيا آهن، جن کي 50 لک گهر ڏيڻا هئا اهي ماڻهن کان مٿي جي ڇت به کسي رهيا آهن، حڪومتي وزير چئي رهيا آهن ته مهانگائي گهٽ ٿي آهي، جڏهن ته هتي عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي. بلاول ڀٽو زرداري وفاق تي الزام مڙهيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جو پاڻي ۽ بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، حڪومت کي پٽڪا لاهڻ کانسواءِ ڪو ڪم نٿو اچي. جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف ٺهندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ بابت هن چيو ته اسان ڪنهن به ڪوڙي جي آءِ ٽي کي نٿا مڃون، پيپلز پارٽي انتقامي سياست جو ڄمي مقابلو ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پنجاب جي عوام جڏهن اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي ته جعلي حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي، ڏکڻ پنجاب جي عوام احساس محرومي خلاف، بلوچستان جي عوام پنهنجي حقن لاءِ، خيبرپختونخواهه جي عوام انساني حقن لاءِ ۽ سنڌ جي عوام پنهنجي حقن لاءِ جڏهن اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي ته جعلي حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان انهن جي اي سي ايل ۾ نالا وجهڻ توڙي نيب وارين ڌمڪين کان نٿا ڊڄون، هو اڃا به نه مڙيا ته کين سبق سيکارينداسين ته ووٽ چوري جو بدلو ڪيئن ورتو ويندو آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي، ڇو کين ڀت سان لڳائي رهيا آهيو، پاڻي، بجلي ۽ گئس بند ڪري سنڌ ۾ هنن ڪربلا برپا ڪري ڇڏي آهي، اسان جي صبر کي نه ٽوڙيو، توهان کان اڳ به فرعون آيا انهن کان سبق سکو. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان اصولن جي سياست کي دوکو ڏئي عوام کي بيوقوف بڻايو، توهان ۽ توهان جي لاڏلن عهدا ته حاصل ڪيا پر پاسداري نه ڪري سگهيا، توهان جا اعلان سڀ فراڊ نڪتا. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي حڪومت رڳو ڌانڌلي سبب ملي، هو اسان کان شفاف ۽ آزاداڻي طور چونڊن ۾ کٽي نٿا سگهن، اهي ڪم ۽ خدمت ۾ اسان جو مقابلو ئي نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ امپائر جي آڱر، سياست ۾ عوام جي مرضي هلندي آهي، سنڌ جي عوام کي پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ملي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان آمر ضياءُ الحق جي ڪوڙن، ڦاهي گاهن ۽ مشرف جي جيلن ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کان نه ڊناسين ته عمران جهڙي بي نامي وزير اعظم کان ڪيئن ڊڄي سگهون ٿا، وفاقي حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان وفاداري نڀائڻ تي سنڌ جي عوام سان ناانصافي ۽ زيادتي جو سلسلو جاري رکيو آهي. ٻئي طرف ڪوٽڙي ۾ پ پ پ جي جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ضلعي ڄامشورو ۾ ٻه فلاءِ اوور ٺاهيا ويا آهن، جيڪي پ پ پ حڪومت لاءِ وڏو اعزاز آهن. هن چيو ته ٽريفڪ جام ٿيڻ وارو عوام جو اهو پراڻو مسئلو هو، 2012ع يا 2013ع ۾ جڏهن ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي ايندو هئس ته خاص طور تي ڪوٽڙي ڦاٽڪ وٽ روڊ بلاڪ ڏسي سوچيندو هئس ته جڏهن به موقعو مليو ته اتي فلاءِ اوور ضرور ٺهرائيندس، جيڪا خواهش پوري ٿي. هن چيو ته مون اهي منصوبا تڏهوڪي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان خاص طور تي منظور ڪرايا جن جي تعمير سان نه رڳو عام ماڻهن پر خاص طور شاگردن کي وڏي سهولت ميسر ٿي آهي. هن چيو ته اسان سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ عوام کي به گھرجي ته اهي ادارن سان سهڪاري رويو رکن. هن چيو ته ڄامشوري کان مانجھند تائين 64 ڪلوميٽر ٻٽي روڊ کي تعمير ڪرڻ واري رٿا جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي ۽ ان جي اڏاوت کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ مانجھند کان سيوهڻ تائين روڊ کي ٻٽو ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي عوام جو جيڪو پ پ پ تي اعتماد آهي اهو هميشه برقرار رهندو ۽ سندن اعتماد تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ کي باب اسلام سڏيو وڃي ٿو ۽ پاڪستان ٺهڻ جي پهرين قرارداد به سنڌ اسيمبلي پاس ڪئي. هن چيو ته مانجهند جي ماڻهن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي سميت ٻين رٿائن کي شروع ڪيو ويندو ۽ هلندڙ رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشش جاري آهي. هن چيو ته مانجهند تائين تعمير ٿيندڙ ٻٽي روڊ واري رٿا ۾ دير بابت وزير اعظم پاڪستان عمران خان کي جڏهن مون خط لکيو، هن خط جي جواب ۾ ان روڊ جي رٿا تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ جلد مڪمل ٿي ويندو ۽ جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان نه فقط حادثا گهٽ ٿي ويندا ۽ ماڻهن کي بهترين سفري سهولتون پڻ مهيا ٿينديون. هن چيو ته پ پ پ جي مخالفت هر دور ۾ ٿيندي آئي آهي پر پ پ پ ڪڏهن به پوئتي نه هٽي آهي ۽ هاڻي پ پ پ جو ڪو به دشمن نه رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو دشمن پيدا ٿيو ته عوام جي طاقت سان هن کي گهمائي پٽ تي هڻنداسين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟