وفاقي سرڪار 23 جنوري تي هڪ ڀيرو ٻيهر مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

12Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) وفاقي سرڪار 23 جنوري تي مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جو دورو ڪري ڪراچي چيمبر جي ميمبرن ۽ بزنس مين گروپجي چيئرمين سراج قاسم تيلي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسد عمر چيو ته 23 جنوري تي مني بجيٽ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته ايف بي آر جي ايس آر او جي ايس آر او جاري ڪرڻ جو اختيار ختم ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ ۾ ٽيڪس ضابطگين کي ختم ڪيو ويندو. اسد عمر چيو ته ٽيڪسن جي حوالي سان هر قسم جي تبديلي پارليامينٽ جي منظوري سان ٿيندي. بزنس مين گروپ جي چيئرمين سراج قاسم تيلي چيو ته وفاقي سرڪار آئين جي آرٽيڪل 58 تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ سنڌ مان نڪرندڙ گئس مان پهريون  سنڌ جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن.

12Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں