ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت چيني قونصل خاني تي حملي وارو ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ کان انڪار ڪندي سي ٽي ڊي کي جاچ جاري رکندي ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايڏي وڏيواقعي جو ڪيس اي ڪلاس ڇو ڪيون؟ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چيني قونصل خاني تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سي ٽي ڊي جو جاچ آفيسر پيش ٿيو. عدالت ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ واري سي ٽي ڊي پوليس جي رپورٽ منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جاچ تي اعتراض لڳائي ڇڏيا. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايڏي وڏي واقعي جو ڪيس اي ڪلاس ڇو ڪيون؟ جوابدارن جي گرفتاري جي ڪوشش ڇو نه پئي ڪئي وڃي. عدالت جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار ناهن ٿيا ته ڇا ڪيس اي ڪلاس ڪري ڇڏيون؟.عدالت پڇاڻو ڪيو ته پيش ڪيل رپورٽ ۾ ايس پي جو نالو ڇو ناهي؟ ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ ۾ ايس پي جو نالو به لکي جمع ڪرائي وڃي. عدالت جاچ آفيسر کي 8 فيبروري تي ڪيس بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جاچ ڪيو ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪيو.پوليس پاران اي ڪلاس لاءِ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ڪيس ۾ اڃا تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو، جيستائين ڪو جوابدار گرفتار نه ٿو ٿئي ڪيس اي ڪلاس ڪيو وڃي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته اسلم ڇوٽو جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن پر اڃا ان جي تصديق ناهي ٿي، 4 ڪلاشنڪوف، 2 آءِ اي ڊي بم، ڊيٽونيٽر، هينڊ گرنيڊ، ڌماڪيدار مادو ۽ گوليون هٿ آيون.رپورٽ ۾ بلوچ قومپرست اڳواڻ خيربخش مري جي پٽ حربيار مري جو نالو به جوابدارن ۾ شامل آهي، جوابدارن ۾ ڪيپٽن رحمان گل، ڪمانڊر شيخو، ڪمانڊر منشي، ڪمانڊر شيرول ۽ ٻيا شامل آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟