اصغر خان ڪيس بند نه ڪرڻ جو فيصلو، ائين نه سمجهو ته فوج وارا عدالتي اختيارن جي دائري کان ٻاهر آهن: چيف جسٽس

1Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اصغر خان عملدرآمد ڪيس بند ڪرڻ جي ايف آءِ اي جي اپيل رد ڪندي ڪيس بند نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ اصغر خان فئملي جي قانوني وارثن پاران داخل درخواست تي ايف آءِ اي کان جواب طلب ۽ بچاءُ واري سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ايف آءِ اي وٽ اختيار نه آهن ته ٻئي اداري کان جاچ ڪرائي وٺون ٿا ايف آءِ اي پاران ورتل نتيجا ۽ سببن کان مطمئن نه آيون جمعي تي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران اصغر خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏنا ته هڪ شخص چئي رهيو آهي ته ان رقم ورهائي چيف جسٽس چيو ته پوءِ ان کان پوءِ باقي ڇا رهجي وڃي ٿو اصغر خان جي ڪوشش رائيگان نه ويندي اصل جاچ جو وقت آيو ته رنڊڪون وڌيون ويون ايف آءِ اي چوي ٿو ته ان وٽ ثبوت نه آهن ڪيس کي اڳيان وڌايو وڃي سلمان اڪرم راجا عدالت جي مدد ڪري چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪيس بند ڪرڻ جي معاملي تي اصغر خان جي فئملي کي اعتماد ۾ ناهي ورتو جيڪڏهن ايف آءِ اي وٽ اختيار نه آهن ته ٻئي اداري کان جاچ ڪرائي وٺون ٿا جڏهن فيصلو آيو ته ان وقت جي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي چيو ته ايڏو وڏو فيصلو ڪيو ته هاڻي عدالت ڪجهه نه ڪري ته اهو ئي ڪافي آهي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته فوج جي ملوث ماڻهن خلاف ملٽري ڪورٽ ٽرائيل ڪري رهي آهي سول خلاف الڳ ٽرائيل ٿي رهيو آهي ڌار ڌار جاچ سان ڪيئن حتمي نتيجي تائين پهچنداسين.چيف جسٽس چيو ته اصغر خان ڪيس ۾ فوجين جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ٿي رهيو آهي ۽ سول ماڻهن خلاف ڌار ٽرائل ٿي رهيو آهي، ڌار ڌار جاچ سان حتمي نتيجي تائين ڪيئن پهچنداسين، خبر ناهي ته ملٽري وارا ڪهڙي ڪارروائي ڪري رهيا آهن، ڇو نه انهن کان به رپورٽ طلب ڪريون؟ ائين نه سمجهو ته فوج وارا عدالتي اختيارن جي دائري کان ٻاهر آهن، سڀ اسان جي اختيار ۾ آهن. هن چيو ته اصغر خان جي ڪوشش رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪرائي ويندي، ايف آءِ اي سان گڏ وفاقي ڪابينا کان به جواب گهرنداسين، ڪجهه ماڻهن جا ڪيس ڪابينا کي ڏنا ويا هئا،  چيف جسٽس طور هو سڀني ٻڌائڻ چاهي ٿو ته عدالت جي اختيار ۾ سڀ آهي عدالت اصغر خان جي قانوني وارثن کي درخواست تي ايف آءِ اي کي جواب طلب ڪندي بچاءُ واري سيڪريٽري کي ڪيس ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جو تفصيل هڪ هفتي ۾ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن کان پو3 ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 25 جنوري تي ٿيندي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں