پاڪستان کي سنڌ طاس معاهدي تحت پورو پاڻي نه پيو ملي، ڊيم جي تعمير اڻٽر آهي: چيف جسٽس

10Shares

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان کي پورو پاڻي نه ملي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊيم جي تعمير بابت تازي سيمينار ۾ وزيراعظم کي چيو هو ته ڊيمز جي سخت ضرورت ۽ تعمير اڻٽر آهي، پاڻي جي کوٽ کي ڊيم تعمير ڪري ئي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊيم نه ٺهڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جيڪي آئون نٿو ٻڌائي سگهان، جڏهن ته سنڌ طاس معاهدي تحت اسان کي پورو پاڻي نه پيو ملي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاءِ ڊيم کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، ڊيمز تعمير نه ڪري مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو، 40 سالن کان ڊيمز ڇو ناهن ٺهيا، اهو معاملو ڏسڻ گهرجي ۽ عوام کي ڊيم جي تعمير ۾ رڪاوٽون وجهندڙن جي خبر پوڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته جنهن علائقي ۾ ڊيم ٺهڻو آهي، اتي زمين جا مسئلا حل ٿي ويا، اوورسيز پاڪستانين دل کولي ڊيم فنڊ ۾ حصو وڌو ۽ ڊيمز جي تعمير بابت فنڊز جي کوٽ انشاءَ الله جلد پوري ٿي ويندي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته عمران خان چيو هو ته ڊيمز جي تعمير نه ٿيڻ جو معاملو ڏسڻ گهرجي، ڊيمز جي تعمير بابت لڳي رهيو هو ته ان ۾ 9 کان 10 سال لڳندا پر اميد آهي ته 5 کان 7 سالن دوران ڊيمز جي تعمير مڪمل ٿي ويندي.

10Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں