نئين گاج ڊيم جي اڏاوت ۾ دير: سپريم ڪورٽ توانائي ۽ ناڻي واري وزير کي طلب ڪري ورتو

1Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس دوران توانائي واري وزير، ناڻي واري وزير ۽ ڪابينا جي سيڪريٽري کي 15 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ  نئين گاج ڊيم بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته منصوبا بندي ڪميشن جي سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي گڏجاڻي ۾ ڊيم جي اڏاوت جي سفارش قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) کي ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته اهڙي نموني ته معاملو ايڪنڪ ۾ وڃي ڦاسي پوندو، خواهش هئي ته منهنجي هوندي معاملو حل ٿي وڃي ها پر ڪجهه خواهشون خواهشون ئي رهجي وينديون آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اڃا هڪ هفتو باقي آهي. عدالت ناڻي واري وزير، توانائي واري وزير ۽ ڪابينا جي سيڪريٽري کي اڱاري تي طلب ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ سومر تي سي ڊي ڊبليو جي اجلاس جا منٽس عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن. واضح رهي ته چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار 17 جنوري تي رٽائر ٿي رهيو آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں