ڏکڻ آفريڪا ۾ خراب ڪارڪردگي: احسان ماني ڪرڪيٽ ڪميٽي جي سربراهه کي طلب ڪري ورتو

1Shares

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني ڪرڪيٽ ڪميٽي جي سربراهه محسن خان کي لاهور طلب ڪري ورتو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني ۽ ڪرڪيٽ ڪميٽي جو سربراههمحسن خان وچ ۾ اڄ لاهور ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪستاني ٽيم جو دورو ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪارڪردگي، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. واضح رهي ته ٽيم جي خراب ڪارڪردگي سبب هنن ڏينهن ۾ بورڊ مٿان وڏو دٻاءُ آهي، جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن وڏي فيصلي جو امڪان ناهي. هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي محسن خان تصديق ڪئي ته جمعي تي پي سي بي چيئرمين سان ملاقات ٿيندي جڏهن ته هن اهو ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو ته ان دوران ڪهڙيون ڳالهيون ٿينديون.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں