اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينا 20 ماڻهن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ بابت گھرو وزير جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي جي سفارشن تي 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا هئا، قانون واري وزارت ٻڌايو آهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيس بابت سپريم ڪورٽ طرفان تفصيلي فيصلو ناهي مليو، اسان کي جيئن ئي فيصلو مليو ته ان موجب معاملا ڏسنداسين. هن ٻڌايو ته هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا اي سي ايل ۾ شامل نالن جو جائزو وٺندي، ڪميٽي مملڪتي وزير گھرو شهريار آفريدي، قانون واري وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ گھرو سيڪريٽري تي ٻڌل هوندي، جيڪا پنهنجون سفارشون ڪابينا کي موڪليندي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڪابينا فيصلو ڪندي ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ گھرجي يا نه وڃڻ گھرجي، حڪومت طرفان جيڪي پاليسيون لاڳو ڪيون ويون هيون، انهن جا فائدا ملڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن تي ڪابينا اطمينان جو اظهار ڪيو. فواد چوڌري چيو ته ايڪسپورٽ ۾ واڌ شروعات کان ئي حڪومت جي پهرين ترجيح ۾ شامل رهي آهي ۽ ڊسمبر جي مهيني ۾ ايڪسپورٽ ۾ 4.5 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته امپورٽ ۾ 8.5 سيڪڙو گھٽتائي به ٿي آهي، ملڪ جي واپاري خساري ۾ هڪ مهيني دوران 54 ڪروڙ اندازن 19 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عمران خان قانون واري وزارت کي هدايت جاري ڪئي آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين بابت اهڙين ملازمتن بابت آگاهه ڪيو وڃي، جيڪي بنا ڪنهن قانوني رنڊڪ جي ڪري سگھجن ٿيون ته جيئن کين پاڪستان ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران خان هن وقت وزيراعظم هائوس ۾ نٿو رهي، پوءِ به ان جي بجلي جو بل ايترو ئي اچي رهيو آهي، جيڪو نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ايندو هو، جنهن سبب وزيراعظم ان معاملي تي انٽرنل آڊٽ جو حڪم ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي وزيرن جنهن جنهن شئي ۾ هٿ وڌو، اهي نقصان ۾ ئي آهن، جڏهن ته پاڻ کي گئس جو آئنسٽائن سمجهندڙ شاهد خاقان عباسي گيس سيڪٽر کي اربين رپين جو قرضي ڇڏيو آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران وزيراعظم پيٽروليم واري وزارت کي گئس جي گڏيل پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڇو جو ملڪ جي گھڻي آبادي گئس کا محروم آهي. ان موقعي تي منصوبابندي واري وفاقي وزير خسرو بختار چيو ته اپوزيشن مهانگائي جي حوالي سان واويلا ڪري رهي آهي، جيڪا بي بنياد آهي. هن پنهنجي ڳالهه جي وضاحت پيش ڪندي چيو ته گذريل ٽن حڪومتي دورن جي شروعاتي 5 مهينن ۾ موجوده حڪومت کان وڌيڪ مهانگائي ڪئي وئي هئي، عوام کي سڪون فراهم ڪرڻ ئي تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟