ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي صوبي ۾ گئس جي بدترين لوڊ شيڊنگ تي شديد احتجاج ڪندي هڪ متفقه راءِ سان قرارداد ذريعي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان گئس جي لوڊ شيدنگ کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ڪالهه گئس جي بندش خلاف اهڙي مذمتي قرارداد متحده جي محمد حسين پيش ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گئس لوڊ شيدنگ بابت قرارداد تي ڳالهائيندي چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس گذريل سال 24 سيپٽمبر تي ٿيو هو، اسان وفاقي حڪومت کي لکيو هو ته گئس جي ايجنڊا شامل ڪيو، اٽارني جنرل کي گئس جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ڏيڻي آهي اسان چئون ٿا ته سي سي آءِ جو اجلاس جلد گهرايو، ان قرارداد ۽ ايوان جي سفارشن تي پنهنجي صوبي جي توانائي لاءِ آواز بلند ڪري سگهندس، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ جا 3 وفاقي وزير موجود آهن انهن جون سياسي جماعتون آئين موجب سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارين جڏهن سنڌ پنهنجو موقف پيش ڪندي آهي ته پوءِ ان تي فيصلو ڇو ناهي ٿيندو. مراد علي شاهه چيو ته اميد آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ کي پنهنجو آئيني حق ڏيندي، اسان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جيڪڏهن وفاقي حڪومت گڏ نه هوندي ته صوبن جا مسئلا حل نه ٿيندا ڪجهه ماڻهن کي سنڌ حڪومت کٽڪي ٿي، قرارداد پيش ڪندڙ محمد حسين چيو ته گئس بندش آئين جي آرٽيڪل 158 جي خلاف ورزي آهي، اهڙي قرارداد جي پ پ ۽ جي ڊي اي به حمايت ڪئي، پي ٽي آءِ جي اتحادي جي ڊي اي جا ميمبر به گئس جي لوڊ شيدنگ خلاف آواز بلند ڪيو. جي ڊي اي جي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته اسان جو وفاق سان اتحاد ان لاءِ ناهي ته شهرين کي گئس جهڙي بنيادي سهولت کان محروم ڪيو وڃي، وفاق صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي، وزيراعظم جي يقين ڏيڻ باوجود گئس لوڊ شيدنگ ۾ هن وقت تائين نه ڪمي آئي آهي نه ئي مسئلو حل ڪيو ويو آهي. ان کان پهريان محمد حسين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي پر صوبي جي گهريلو ۽ ڪمرشل واهيپدار گئس کان محروم آهن، آرٽيڪل 148 جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي، وفاق کي گهرجي ته صوبي جي حقن کي سامهون رکي، پ پ جي غلام قادر چانڊيو قرارداد جي حمايت ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سان سوٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، انڊسٽري بند ٿيڻ سان هزارين ماڻهن جي بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي، حڪمرانن کي ڊالر جي کوٽ جي به خبر ناهي هوندي، اسان آواز اٿاريون ٿا ته سنگين الزام لڳايا ٿا وڃن. هن چيو ته اسين حقن لاءِ پنهنجي قائدين جي قرباني ڏئي چڪا آهيون جيڪڏهن اڃا به ڪا قرباني ڏيڻي پئي ته سڀ گڏجي ڏينداسون. هن چيو ته ڪيترن ئي کٽندڙن کي هن وقت تائين يقين نٿو اچي ته هو ڪيئن کٽيا آهن، اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته صوبي جي حقن لاءِ ڳالهائڻ اسان جي ذميداري آهي، گئس جو حق پهريان سنڌ جو آهي، آئين جي پاسداري اسان جو فرض آهي. هن چيو ته امن امان جي صورتحال سبب گئس ۽ پيٽروليم جي لائسنس تي ڊرلنگ نه ٿي رهي آهي جيڪڏهن پيٽرول ۽ گئس جا نوان ذخيرا تلاش نه ڪيا ويا ته مهانگو فيول وٺڻو پوندو. فردوس شميم ايوان کي ٻڌايو ته سمنڊ ۾ تيل جي گئس جي تلاش لاءِ ڊرلنگ ٿي رهي آهي، ملڪ جا مسئلا پوائنٽ اسڪورنگ سان حل نه ٿيندا ملڪي مسئلن لاءِ سنجيدگي ضروري آهي، هن چيو ته گئس تي سڀ کان پهريون حق سنڌ جو آهي. متحده جي خواجه اظهار الحسن چيو ته ڪراچي جي ڳالهه ان ڪري وڌيڪ ڪندا آهيون ته ڪراچي جون صنعتون متاثر ٿيڻ سان معيشت متاثر ٿيندي آهي، وفاق غور ڪري 140 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي منهنجي چونڊ تڪ سميت سڄو شهر گئس جي کوٽ جو شڪار آهي ڪيترن ئي گهرن ۾ ڪاٺين تي رڌ پچاءَ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته صوبائي حڪومت آرٽيڪل 151 تحت ڳالهه ته ڪري ٿي رائلٽي به گهري وڃي ٿي پر گئس نٿي گهري وڃي. هن صلاح ڏني ته صوبو طئي ڪري ته کيس گئس جي ڪيتري ضرورت آهي ۽ ڪيتري ٻين کي ڏيڻ گهرجي، وڏو وزير سي سي آءِ ۾ گهربل گئس جي گهر ڪري، هن وارننگ ڏني ته مسئلو حل نه ٿيو ته آئون چونڊ تڪ جي ماڻهن سان گڏ ڌرڻو هڻندس ۽ گئس آفيس ٻاهران شديد احتجاج ڪيو ويندو، اهڙي قرارداد تي ٻين ميمبرن به خيالن جو اظهار ڪيو جنهن بعد اسپيڪر ايوان جي حمايت سان قرارداد منظور ڪري ورتي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟