نواز شريف جي سزا خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور، عدالتي فيصلن خلاف نيب جي درخواست تي اعتراض

1Shares

اسلام آباد(بيورو) نواز شريف جي سزا خلاف اپيل ۽ سزا معطلي واري درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. نجي ٽي وي مطابق العزيزيا ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سزا خلاف اپيل ۽ سزا معطلي واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اپيل ۽ سزا معطلي واري درخواست جي ٻڌڻي 21 جنوري تي ڪندي. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جي فيصلن خلاف نيب جي اپيلن تي ٻيهر اعتراض داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب نيب جون اپيلون وزيراعظم نواز شريف جي اپيلن سان گڏ ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿي سگهيون.  رجسٽرار آفيس اسلام آباد العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جي فيصلن خلاف نيب جي اپيلن تي ٻيهر اعتراض داخل ڪري ڇڏيو آهي.  نواز شريف خلاف نيب اپيلن تي نامڪمل دستاويزن جو اعتراض داخل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس چيو آهي ته  نيب طرفان ٻئي اپيلون 3 جنوري تي جمع ڪرايون ويون، اعتراضن سبب نيب جون اپيلون اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اپيلن سان 21 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿي سگهيون.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں