اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر 5 هزار کان وڌيڪ في اوڳاڙيندڙ اسڪولن کي في ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته اهو حڪم سمورن اسڪولن لاءِ آهي. رپورٽن مطابق چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ خانگي اسڪولن جي اضافي فين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان سلسلي ۾ خانگي اسڪولز ايسوسيئيشن جي صدر، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر سميت سيڪريٽري اينڊ جسٽس ڪميشن عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر 5 هزار رپيا هر مهيني کان وڌيڪ في وٺندڙ خانگي اسڪولن کي فين ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس چيو ته اهو حڪم سمورن اسڪولن لاءِ آهي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ بار جي صدر امان الله ڪنراڻي عدالت کي آگاهه ڪيو ته فين ۾ گهٽتائي سان گڏ هڪ اسڪول ٻارڙن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ڇڏيو آهي، ٻارڙن سان ناروا سلوڪ ٿيو آهي، ڪيترن ئي اسڪولن فين ۾ گهٽتائي ڪئي پر عدالتي فيصلي کانپوءِ اسڪولن ۾ ٻارڙن کي حاصل سهولتن ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي نوٽيس ۾ اها ڳالهه آندي وئي ته هڪ اسڪول ۾ قرآن پڙهائڻ ختم ڪيو ويو آهي ۽ هڪ هزار رپيا في گهٽ ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته اسڪول فين ۾ گهٽتائي کانپوءِ ري ايڪشن ڏيکاري رهيا آهن، اهي اسڪول عدالتي فيصلي جو مذاق اڏائي رهيا آهن، عدالتي فيصلي جي توهين ڪئي پئي وڃي، اسان اهڙن سمورن قدمن کي برداشت نه ڪنداسين، اهڙن ماڻهن کي پڪڙينداسين ۽ سندن ٽرائل ڪيو ويندو، اسان جو آرڊر واضح آهي، پنج هزار رپين تائين في وٺندڙن خلاف ايئن نه ٿيندو پر جن جي في 5 هزار کان وڌيڪ آهي تن کي گهٽ ڪرڻي پوندي، موڪلن جي في به واپس ڪرڻي پوندي، اهو حڪم سمورن اسڪولن لاءِ آهي. ان موقعي تي خانگي اسڪولز ايسوسيئيشن جي صدر زعفران الاهي عدالت کي آگاهه ڪيو ته موڪلن جي في واپس ڪئي ته اسڪول بند ٿي ويندو. چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڀلي بند ٿين، توهان عدالت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. چيف جسٽس ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو ته اهڙن سمورن اسڪولن جي فارنزڪ آڊٽ ڪيو ۽ ڄاڻ وٺو ته ڪيترا اسڪول آهن جن موڪلن جي في واپس نه ڪئي آهي. سيڪريٽري لا اينڊ جسٽس ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه اسڪول چئي رهيا آهن ته 5 هزار تي في گهٽ نه ڪنداسين، پنج هزار کان وڌيڪ جيتري في آهي ان ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، اسلام آباد جي هڪ اسڪول چيو ته غير منصفاڻي عدالتي فيصلي تي معيار گهٽ ڪرڻ تي مجبور آهيون. ايف بي آر جو ميمبر آڊٽ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته هڪ ڏهائي 2 ارب رپيا ٽيڪس اسڪولن کي ڏيڻي آهي، 7 اسڪولن خلاف ڪارروائي هلي رهي آهي ۽ ڪجهه اسڪولن ٽيڪس جي معاملي تي منع نامو وٺي رکيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهي دستاويز ڪڍي جنهن موجب لاهور جي هڪ اسڪول جي ڊائريڪٽر 85 لک پگهار ورتي آهي، عدالتي نشاندهي کان اڳ ايف بي آر ننڊ پيل هوندي آهي. سپريم ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد ذريعي اسڪول مالڪ کي طلب ڪري ورتو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟