مون کي دپيڪا پڊوڪون جو سادو روپ گهڻو پسند آهي: رنوير سنگهه

4Shares

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه چيو آهي ته دپيڪا پڊوڪون جو مون کي سادو روپ پسند آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق اداڪار رنوير سنگهه فلم فيئر کي تازو انٽرويو ڏيندي چيو ته مون کي پنهجي گهرواري دپيڪا پڊوڪون جو سادو روپ پسند آهي، ڇو ته هو شوبز کان هٽي ڪري سادي ۽ گهريلو قسم جي ڇوڪري آهي، جيڪا منهنجي لاءِ متاثر ڪندڙ ڳالهه آهي. رنوير سنگهه فلم” سمبا“ جي ڪاميابي تي ڳالهائيندي چيو ته اها ڪاميابي هن جي سينيئر اداڪارن جي ڪري آهي، جن جي اداڪاري کي ڏسندي هو پنهنجو ڪم ڪندو آهي.

 

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں