بي پي ايل: سلهٽ جي چٽاگانگ ۽ راجشاهي ڪنگز جي کلنا ٽائيٽنس کي شڪست

6Shares

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ سلهٽ سڪسرز جي چٽاڪانگ وڪنگس ۽ راجشاهي ڪنگز جي کلنا ٽائيٽنس کي شڪست. تفصيلموجب ليگ ۾ ڪالهه 2 ميچون کيڏيون ويون. پهرين ميچ ۾ سلهٽ سڪسرز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنسون ٺاهيون. ڪپتان ڊيوڊ وارنر 59، پورن 52 ۽ ايفف حسين 45 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. فرلنڪ 3، نعيم حسن ۽ خالد احمد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. چٽاگانگا وڪنگس مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهي سگهي. فرلنڪ 44 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏڻ باوجود ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو. نڪولس پورن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻي ميچ ۾ کلنا ٽائيٽنس پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 117 رنسون ٺاهيون. جنيد صديق 23 ۽ ڊي جي ملن 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ادانا 3، مشفيض الرحمان 2، عرفات سني، قيص احمد ۽ سمئيا سرڪار هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. راجشاهي ڪنگز 3 وڪيٽن جي نقصان تي 18.5 اوورن ۾ هدف پورو ڪري ورتو. مهدي حسن مراز 51 ۽ مومن الحق 44 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ادانا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں