فهيم اشرف پاڪستان جو مڪمل آل رائونڊر هوندو: مڪي آرٿر

1Shares

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ مئچ جمعي تي کيڏي ويندي. ميزبان ٽيم کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي، جڏهن ته پاڪستان پاران ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ مئچ لاءِ قومي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪرڻ جو امڪان آهي. ڏکڻ آفريڪا جي خلاف آخري ٽيسٽ جمعي کان جوهانسبرگ ۾ شروع ٿيندي. پهريان ٻنهي مئچن ۾ پاڪستان کي شڪست ٿي آهي ۽ ڏکڻ آفريڪا کي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي. ٻئي پاسي رانديگر آخري ٽيسٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي لاءِ پراميد آهن، جنهن لاءِ ٽيم ۾ ٻن تبديلين تي غور ڪيو پيو وڃي. ٽئين ٽيسٽ لاءِ فائنل اليون ۾ اوپننگ بيٽسمين فخرزمان ۽ ليگ اسپنر ياسر شاهه جي جاءِ تي محمد رضوان ۽ فهيم اشرف کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو به چوڻ آهي ته هو پنج بالرز سان ٽيسٽ مئچ کيڏڻ جي حڪمت عملي جو حامي آهي پر ڏکڻ آفريڪا جون ڪنڊيشنز مختلف آهن. مڪي آرٿر چيو ته فهيم اشرف جي قابليت کي ساراهيان ٿو ۽ هن انگلينڊ ۾ به ان جي ساراهه ڪئي ۽ اميد آهي ته فهيم اشرف پاڪستان جو مڪمل آل رائونڊر هوندو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں