ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ کي پوليس آفيسرن جي بدلين مقررين وارا حاصل اختيار واپس وٺڻ سميت پوليس ايڪٽ ۾ ترميمن لاءِصوبائي وزير امتياز شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته وڏي وزير جي سڌسماءَ بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب آءِ جي سنڌ پوليس جي اختيارن ۾ گهٽتائي جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پوليس قانون ۾ اڄ جي زميني حقيقتن موجب اصلاح جي ضرورت آهي، 1861ع جو پوليس ايڪٽ 2019ع جي حالتن ۾ قابل عمل ناهي، پوليس قانون کي موجوده حالتن موجب احتسابي شفافيت واري عمل مان گذاري اڄوڪي زميني حقيقتن موجب بڻائڻ جي شديد ضرورت آهي. هن اهڙو اظهار ڪالهه پنهنجي دفتر ۾ پوليس اصلاحات بابت ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪرڻ بعد سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا کي آگاهه ڪندي ڪيو. ان کان پهريان صوبائي وزير صلاحڪار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ، معدنيات واري وزير شبير احمد بجاراڻي، آءِ جي سنڌ پوليس ڪليم امام ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پوليس قانوني ۽ عوامي معاملن تي تفصيلي گفتگو ٿي. ان موقعي تي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا هڪ هفتي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي تنهن بعد حتمي رپورٽ جي ڊرافٽ کي قانوني مسودي جي شڪل ۾ سنڌ اسيمبلي ڏانهن منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته اسان اهڙي قانونسازي ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ پوليس قانون کي نئين سري سان ترتيب ڏنو وڃي جنهن سان پوليس به مضبوط ٿيندي ۽ پوليس جا مسئلا به جلد حل ٿيڻ جوڳا هوندا. هن چيو ته عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ايف آءِ آر جي داخلا ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ به قانون کي آسان بڻايو پيو وڃي ۽ عوام کي سهولتون ميسر ٿينديون ان کان علاوه پوليس اهلڪار ۽ آفيسرن کي به احتسابي عمل کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن سان شفافيت به سامهون ايندي. هن چيو ته اهڙي سٺي قدم کڻڻ تي ساراهڻ ۽ اسان جو ساٿ ڏيڻ جي به ضرورت آهي جنهن ۾ پوليس قانون ۾ اصلاحات لاءِ نئين قانونسازي ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ پوليس ۽ عوام جي مفادن جي تحفظ کي برابري جي بنيادن تي ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مخالفن جو ڪم مخالفت ڪرڻ هوندو آهي پر اسان عوام جي خدمت واري فلسفي تي يقين رکون ٿا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي سربلندي لاءِ عوام جي خدمت ڪندي رهندي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پوليس قانون ۾ ترميمن لاءِ ڪابينه هڪ ڪميٽي قائم ڪئي هئي، آءِ جي پوليس به پنهنجون پوليس ايڪٽ بابت تجويزون ڏنيون آهن، اسان جي ترجيح صوبي جي عوام کي پوليسنگ جي سلسلي ۾ بهتر قانون ڏيڻ آهي هاڻي جيڪڏهن پوليس ڪم ڪري يا نه ڪري ته شڪايتن جو ازالو ٿيندو. مرتضيٰ وهاب جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس ايڪٽ ڊرافٽ لاءِ صوبائي وزير امتياز شيخ جي سربراهي ۾ سب ڪميٽي جوڙي وئي آهي، پوليس جو نئون قانون اڻٽر آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي بهتر مفاد ۾ هر شيءِ تي مخالفت نه ڪئي وڃي. مرتضيٰ وهاب چيو ته آءِ جي سنڌ پوليس جي اختيارن ۾ گهٽتائي جي مڪمل ترديد ڪريان ٿو، بهتر قانونسازي اسيمبلي مان منظور ڪرائي ويندي، هن مخالف ڌر کي صلاح ڏيندي چيو ته هو ذميداري جو مظاهرو ڪري پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت مالي سال ۾ 90 ارب رپين کان سنڌ کي محروم رکيو صوبي کي پنهنجو مالياتي حق ڏنو وڃي پر افسوس جو سنڌ جي فنڊز تي ڪٽوتي واري عمل تي وفاقي حڪومت ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو آهي، سنڌ جي عوام جو استحصال نه ڪيو وڃي. هن چيو ته شهزاد اڪبر ذميداري عهدي تي فائز آهي هو پنهنجي عهدي جو خيال رکي، غير قانوني ڳالهه ڪرڻ کيس نٿي جُڳائي، الزام لڳائڻ بجاءِ شاهديون سامهون آنديون وڃن. وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سنڌ ۾ پاڻي ۽ گئس جي کوٽ واري عمل تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ذريعن موجب اجلاس دوران سنڌ حڪومت جي وزيرن جو ان ڳالهه تي غور رهيو ته ٻين کاتن مان پوليس ۾ به سينئر آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جا اختيار بيورڪريسي کي ڏنا وڃن جنهن تحت ڊي آءِ جي جي بدلين مقررين جو اختيار چيف سيڪريٽري سنڌ جي ايس پيز جي بدلين مقررين جو اختيار صوبائي گهرو سيڪريٽري کي هئڻ گهرجي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟