نواز شريف جي سزا خلاف جلد ٻڌڻي واري اپيل ۽ نيب جي سزا معطلي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

1Shares

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ سزا جي خلاف اپيل جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي رجسٽرار آفيس کي 10 ڏينهن ۾ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا اربع تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي شروع ٿي ته مددگار وڪيل محمد زبير خالد چيو ته خواجه حارث جو انتظار ڪريو هو ٻي عدالت ۾ پيش ٿيو آهي جنهن تي خواجه حارث جي عدالت جي ڪمري ۾ غير موجودگي سبب ٻڌڻي ۾ ڪجهه گهڙي لاءِ ساهي ڪئي ويئي جنهن کان پوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ نوازشريف جي اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي رجسٽرار آفيس کي 10 ڏينهن ۾ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ نواز شريف جي ايون فيلڊ ريفرنس فيصلي ۾ سزا معطلي خلاف نيب جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ 14 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي. بينچ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس گلزار، جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس مظهر عالم شامل آهن.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں