سپريم ڪورٽ جو حڪم: برنس روڊ پارڪ مان نيشنل ميوزيم ۽ سردار شاهه جي آفيس ختم ڪرڻ جو فيصلو

6Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت نيشنل ميوزيم سميت سمورن پارڪن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، نيشنل ميوزيم ۾ صوبائي وزير سردار شاهه جي آفيس سميت مختلف آفيسون سرڪاري گهر به ختم ڪيا ويندا، گذريل ڏهاڙي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صدرات هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي ۽ گهرو کاتي جا سيڪريٽري، ڪراچي جي ڪمشنر، ڪراچي جي سمورن ضلعن جي ڊي سيز، ڪي ڊي اي، ايل ڊي اي، ايم ڊي اي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ کي عملدارن بريفنگ ڏينهن ٻڌايو ته ڏکڻ ضلعي ۾ 143 پارڪ آحن، جنهن مان ٽن تي اڃا تائين قبضا آهن، جڏهن ته 22 غير فعال آهن، سينٽرل ضلعي 32 پارڪن تي اڃا قبضا آهن، ايسٽ ضلعي ۾ ڪي ڊي اي 53 پارڪن تي قبضا برقرار آحن، ملير ۽ ڪورنگي ۾ ڪنهن به پارڪ تي هن وقت قبضو ناهي، سڀ ختم ڪرايا ويا آهن، ان موقعي تي چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن جاري رکيو وڃي، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي روٽ تان قبضا هٽائڻ وارو ڪم تيز ڪيو وڃي، سمورن پارڪن تان قبضا ختل ڪرايا وڃن، قبضا ختم ڪرائڻ کانپوءِ پارڪن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو وڃي، ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرائيندي نيشنل ميوزيم ۾ قائم صوبائي وزير سيد سردار شاهه جي آفيس سميت مختلف آفيسون، سرڪاري ڪوارٽر ۽ ڪيفي سنڌ سميت ٻيون اڏاوتون هٽايون وينديون.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں