ٽيلي ڪام سيڪٽر ۽ پاڻي تي ٽيڪس جا پئسا ڊيم جي تعمير تي خرچ ٿيڻ گهرجن: سپريم ڪورٽ

19Shares

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته اڄ جيڪڏهن ڊيم فنڊ جي مهم هلي آهي ته ان ۾ ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي جڏهن ته جيڪڏهن مهمند ڊيم جي ٺيڪي تي تنقيد ٿي آهي ته اِهو ننڍڙو حصو آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني خاص بينچ ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم اڏاوت عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. گذريل ٻڌڻي تي عدالت ميڊيا تي مهمند ڊيم جي ٺيڪي جي حوالي سان تنقيد تي پيمرا کان جواب طلب ڪيو هو. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پيمر  76 ٽاڪ شوز جو ريڪارڊ پيش ڪيو آهي، ڊيم فنڊ جي مشهوري لاءِ ٽي وي چينلن تي اشتهار هلايا پيا وڃن، 13 ارب رپين جي مفت اشتهار هلايا ويا جڏهن ته هر چينل ڊيم فنڊ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جيڪڏهن مهمند ڊيم جي ٺيڪي تي تنقيد ٿيندي ته واپڊا جو موقف نه ورتو وڃي ته اِهو ٺيڪ ناهي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته جي اين اين چينل تنقيد تي سڄو پروگرام ڪيو آهي. چيف جسٽس چيو ته اڄ جيڪڏهن ڊيم فنڊ جي مهم هلي آهي ته ان ۾ ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي، ميڊيا حب الوطني جي جذبي جي تحت ڪم ڪيو آهي، جيڪڏهن ٺيڪي تي تنقيد ٿي آهي ته اِهو انتهائي ننڍڙو حصو آهي، جي اين اين وڌيڪ تنقيد ڪئي آهي جڏهن اسان چئي ٿا ڇڏيون ته واپڊا جو موقف به وٺي ڇڏيو. ان موقعي تي جي اين اين جي بيورو چيف ميان شاهد روسٽرم تي پيش ٿيو ۽ چيو ته پروگرام جي اينڪر غريده فاروقي اچي رهي آهي. اٽارني جنرل چيو ته ڪجهه پروگرامن ۾ غلط حقيقت بيان ڪئي ويندي آهي، جنهن تي چيئرمين پيمرا جو چوڻ هو ته اسان چينلن کي ايڊوائس جاري ڪيون ٿا. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ايڊوائس جاري ڪرڻ سان ڪم نه بڻجندو ڪارروائي ڪرڻي پوندي، ڊيم ملڪ جي مفاد جي ڳالهه آهي پر مالڪ کي ايتري توفيق ناهي ٿي جو هتي تشريف آڻي. چيف جسٽس غريده فاروقي سان مڪالمو ڪندي چيو ته توهان چئو ٿا ته پيمرا جي ڀڃڪڙي ٿي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال سوال ڪيو ته پيمرا رولز ڇا هوندا آهن، غريده فاروقي پيمرا جو مخفف به نه ٻڌائي سگهي. اينڪر چيو ته اسان قطعن ڊيم جي خلاف ڳالهه ناهي ڪئي جڏهن ته مون پاڻ ڊيم فنڊ جي لاءِ چندو ڏنو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن اينڪر کي چيو ته جيڪڏهن توهان ڊيم ٺيڪي جي خلاف ڳالهيون ڪيون ته ڊيم جي خلاف ڳالهه هوندي. ان موقعي تي چيف جسٽس چينل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جي اين اين کي لائسنس ڪيئن ملي ويو، اهڙي طرح جي ماڻهن کي لائسنس ڇو جاري ڪيا ويندا آهن، چينل مالڪن پهرين به عدالت کان معافي گهري هئي. غريده فاروقي چيو ته سر توهان ملڪ جا مسيحا آهيو جنهن تي چيف جسٽس جو چوڻ حو ته جيڪڏهن اسان مسيحا آهيون ته پاڻي جي مسئلي تي اسان جو ساٿ ڏيو. جسٽس اعجاز الحسن اينڪر کي چيو ته توهان پنهنجي ريسرچ ٽيم کي گهرايو، سنگل بڊ جي ذريعي مهمند ڊيم جو ٺيڪو ناهي ڏنو ويو سمورو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آهي، پر توهان چيو ته سنگل بڊ تي ٺيڪو ڏنو ويو. عدالت معافي ڏئي معاملو ختم ڪري ڇڏيو ۽ چيف جسٽس چيو ته پنهنجي مالڪن کي به چئي ڇڏيو ته ٻيهر لاءِ محتاط رهن. واپڊا چيئرمين عدالت کي ٻڌايو ته توانائي واري وزارت طرفان 164 ارب رپيا واپڊا کي ڏيڻا آهن جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته مالي معاملن تي حڪومت کان جواب وٺي ڏيندس. چيف جسٽس واپڊا جي چيئرمين سان مڪالمو ڪندي چيو ته توهان هر ميني اڳڀرائي رپورٽون ڏيو جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ جو گورنر پرڏيهه مان آيل فارن ايڪسچينج جا بهترين ريٽس ڏئي. هن چيو ته فنڊ سپريم ڪورٽ عملدرآمد بينچ جي مرضي کان سواءِ خرچ نٿا ڪري سگهجن. جسٽس اعجاز الاحسن جو چوڻ هو ته ٽيلي ڪام سيڪٽر ۽ پاڻي تي ٽيڪس جا پيسا ڊيم تعمير تي خرچ ٿيڻ گهرجن. چيف جسٽس چيو ته ان تي قانون سازي جي ضرورت ناهي،  حڪومت پرپوزل بڻائي ڏئي ته واٽر ٽيڪس جا پيسا ڪهڙي طرح ڊيم فنڊ جي لاءِ مختص ٿي سگهن ٿا، ايف بي آر جو چيئرمين ٻڌائي ته ڊيم فنڊ جي سيڙپڪاري ڪهڙي جاءِ تي وٺي سگهجي ٿي، وڪيل مخدوم علي خان ۽ ڊاڪٽر پرويز حسن پرپوزل جي تياري ۾ مدد فراهم ڪندو جڏهن ته ان معاملي ۾ عملدرآمد بينچ بڻائينداسين بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي فيبروري جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

19Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں