سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر کي ڪيئن منهن ڏجي” حڪومتي ڌر مٿا ٻڌي ويهي رهي

0Shares

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ايم ڪيو ايم جي صوبائي ميمبر جي لاڏاڻي سبب مختصر ڪارروائي بعد اڄ خميس ڏينهن صبح جو 10 وڳي تائين ملتوي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ مقرر وقت منجهند جو 3 وڳي کان منو ڪلاڪ دير سان پوڻين چئين وڳي شروع ٿيو. تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت رسول مقبول صه بعد پ پ جي عورت ميمبر شميم ممتاز قائداعظم جي پراڻي پاڪستان لاءِ دعا جي درخواست ڪئي سندس اهو به چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو آصف علي زرداري خلاف بد زباني ڪري رهيا آهن انهن کي سڌي رستي تي اچڻ ۽ نيڪ ٿيڻ لاءِ به دعا ڪرائي وڃي. شميم ممتاز پنجاب جي وزير فياض چوهاڻ پاران صحافين سان ڪيل بد ڪلامي جي به مذمت ڪئي. ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي مقتول ميمبر قومي اسيمبلي علي رضا عابدي ۽ ايم ڪيو ايم جي ئي ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد وجاهت جي لاڏاڻي، ٿر جي مقتول قائم علي راهو، سينيئر صحافي مقتده منصور ۽ ٻين لاءِ مغفرت جي دعا گهرائي وئي ان بعد ايوان ۾ مخالف ڌر پاران متحده جي مرحوم ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد وجاهت جي لاڏاڻي بابت اسيمبلي رولز تحت اجلاس ملتوي ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو تنهن بعد اسپيڪر اجلاس اڄ صبح جو 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.  ان کان اڳ وڏي وزير جي صدارت هيٺ پ پ پارلياماني گروپ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جي ڊي اي، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم سميت مخالف ڌر پاران ٽف ٽائيم ڏيڻ ۽ وڏي وزير جي استعيفا واري مطالبي تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ اپوزيشن جي امڪاني جارحاني رويي کي منهن ڏيڻ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي وئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ پوليس ايڪٽ ۾ ترميم سميت ٻيا بل پاس ڪرائڻ لاءِ به حڪمت عملي تيار ڪئي وئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں