“ مراد شاھ وڏ وزارت تان بنا دير استعيفيٰ ڏئي” جي ڊي اي پاران سنڌ سرڪار کي “ ٽف ٽائيم” ڏيڻ جو اعلان

4Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس مستقبل ۾ پيپلز پارٽي سان ڪنهن به قسم جي سياسي مفاهمت واري امڪان کي رد ڪندي ان عزم کي ورجايو آهي ته هو عوام جي حقن لاءِ چونڊيل ايوانن ۾ پوري قوت سان آواز بلند ڪندي رهندي، جي ڊي اي موجوده احتساب واري عمل جي مڪمل حمايت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته هن کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي ۽ تمام بدعنوان  ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ضروري آهي. ڪالهه شام دير سان جي ڊي اي جي سربراهه پير صاحب پاڳاري جي صدارت هيٺ سندس رهائشگاهه ڪنگري هائوس ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال، پيپلز پارٽي خلاف جاري جاچ، سنڌ جي ايندڙ سياسي منظر نامي ۽ اتحاد جي تنظيمي معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ پير سيد صدرالدين شاه راشدي، غلام مرتضيٰ خان جتوئي، سردار علي گوهر خان مهر، ايم اين اي غوث بخش مهر، اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سينيٽر سيد مظفر حسين شاه، سردار عبدالرحيم، ڊاڪٽر صفدر عباسي، ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻي، نصرت سحر عباسي، حسنين مرزا، رزاق راهمون، ڪشنچند پارواڻي، سيد جلال شاه ڄاموٽ، سيد شفقت حسين شاه، مخدوم فضل حسين  سميت جي ڊي اي ۾ شامل مختلف اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس بعد صحافين کي بريفنگ ڏيندي پير سيد صدرالدين شاه راشدي چيو ته اسان مايوس ناهيون خوش آهيون مستقبل ۾ جي ڊي اي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، ايوان اندر ۽ ٻاهر جي ڊي اي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي، جلسا به ڪنداسين شروعات ۾ گهوٽڪي ۾ سردار علي گوهر مهر جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان ايندو ان ملاقات لاءِ جي ڊي اي پنهنجو لائحه عمل جوڙيندي، سنڌ جي عوام ۽ جي ڊي اي کي جيڪي خدشا هوندا انهن تي ڳالهايو ويندو ۽ اهي خدشا ختم ڪيا ويندا. جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف پليجو چيو ته جي ڊي اي جي اڄوڪي اجلاس ۾ غير ملڪين افغانين، بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته غير ملڪين افغانين، بهارين، بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ بند ڪيا وڃن. اجلاس ۾ وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي ۽ پي ٽي آءِ جي وزيرن ۽ ايم اين ايز کي تنبيهه ڪئي وڃي ته هو ڪراچي ۽ سنڌ جا لفظ استعمال ڪرڻ بند ڪن ڪراچي سنڌ جي گادي جو شهر آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ سنڌ ۾ گئس جي اضافي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو وڃي۽ جي ڊي اي وفاقي حڪومت کان اهو به مطالبو ڪري ٿي ته وفاق ۾سنڌ جي مقرر نوڪرين جي ڪوٽا تي عمل ڪيو وڃي ۽ گهٽ ۾گهٽ 5 لک نوڪريون ڏنيون وڃن، سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين لاءِ به زرعي پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي. هن چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ سنڌ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قائم اداري اينٽي ڪرپشن تي ڪوبه يقين نٿو ڪري سگهجي ان لاءِ اسان وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته نيب ۽ ايف آءِ اي کي سنڌ ۾ وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ جي ڊي اي وفاقي حڪومت ۽ عدليه کي اپيل ڪئي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ سياسي انتقامي ڪارواين کي بنا دير روڪڻ لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته سنڌ ۾ صحت، تعليم، آبپاشي، زراعت سميت سمورا ادارا تباه ٿي ويا آهن، زرداري ليگ سمورا ادارا ۽ کاتا وڪرو ڪري چڏيا آهن ڪمند جي آبادگارن کي مناسب اگهه نٿو ملي ڪپهه جا آبادگار پريشان آهن، سنڌ حڪومت پاران اعلانيل 45 هزار نوڪريون به ميرٽ بجاءِ وڪرو ڪيون وينديون، عدليا ۽ پارليامينٽ سنڌ ۾ نوڪرين جي وڪري جو نوٽيس وٺي ۽ ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاه جو نالو جي آءِ ٽي ۾ آهي ان ڪري کيس بنا دير عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. ان موقعي تي  ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته زرداري اهو ٻڌائي ته 18هين ترميم تي هن ڪيترو عمل ڪيو ارڙهين ترميم وسيلي سنڌ کي مليل اربين رپيا زرداري هڙپ ڪيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جي ڊي اي ڪنهن جي اشاري جو انتظار نه پئي ڪري وڏو وزير نااهل آهي استعيفيٰ ڏئي. هن چيو ته جي ڊي اي فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي آهي صرف وڏي وزير جي تبديلي جي ڳالھ ڪئي آهي. ان موقعي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته سنڌ حڪومت پاران اربين رپين جي لاڳت سان هنيل آر او پلانٽ بند پيا آهن پر اسان جي حڪومت ۾لڳل آر او پلانٽ ڪم ڪن پيا. هن چيو ته سنڌ سمال ڊيمز اسڪيم مون ڏني اڄ به اهي ڊيم ڪم ڪن ٿا اسان وفاقي حڪومت سان گڏ آهيون.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں