اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ته هاڻي پاڪستان ڪرائي جي بندوق طور استعمال نه ٿيندو ٻين جي امداد ۽ قرض مفت ناهن هوندا ان لاءِ قيمت چڪائڻي پوي ٿي پاڪستان ان جي وڏي قيمت چڪائي آهي ڏيڍ لک نيٽو فوج ۽ 2 لک کان وڌيڪ افغا فوجي 16 سالن ۾ افغان جنگ کٽي نه سگهيا اسان جي پرڏيهي پاليسي اهڙي هوندي جو پاڪستاني عوام جي فائدي ۾ هجي پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي ملڪ آهن ۽ اختلافن کي جنگ سان حل ڪرڻ خودڪشي هوندي ڪشمير مسئلي جو حل به فورسز جو استعمال نه آهي. ڳالهين ذريعي آهي چيني اسان جي لاءِ تازي هوا جو جهوٽو آهن قبضا مافيا ۽ ڏوهاري سياستدانن جي خلاف ڪارروائي ۾ رياستي ادارا آزاد آهن اربين رپيا لٽيندڙ حڪمران پهريون ڀيرو قانون جي وڪڙ ۾ اچي رهيا آهن جيڪا هڪ وڏي تبديلي آهي ترڪ ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ آمريڪا سان لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعطم عمران خان چيو ته پاڪستان تي هميشه اهو الزام مڙهيو وڃي ٿو ته آمريڪا سان لاڳاپا هڪ طرفو رهيا جڏهن اوهان ٻين جي امداد ۽ قرضن تي ڀاڙيو ٿا ته اهو مفت ناهي هوندو اوهان کي ان جي قيمت چڪائڻي پوي ٿي وزيراعظم سوال ڪيو ته 3 کان 4 هزار حقاني گروپ جا ماڻهو ڪيئن سبب بڻجي سگهن ٿا جڏهن ته ڏيڍ لک نيٽو فوج ۽ 2 لک کان وڌيڪ افغان فوجي 16 سالن ۾ افغانستان جنگ نه کٽي سگهيا هن چيو ته مان ڊگهي عرصي کان چئي رهيو آهيان ته افغانستان جي مسئلي جو فوجي حل نه آهي جنهن کي اڄ سڀني تسليم به ڪيو آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته مسئلي جي حل ۾ پاڪستان ڇا ڪري سگهي ٿو وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان جي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي طالبان، آمريڪا ۽ افغان عملدارن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿو ته سياسي مفاهمت ٿي سگهي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪشمير جو هڪ وڏو مسئلو آهي گذريل سال ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري رهيو نوجوانن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هن مسئلي جو حل فورسز جو استعمال نه آهي پر ڳالهيون آهن. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اعلان ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن غلام سرور خان ۽ عمر ايوب لوڊشيڊنگ ۽ گئس بحران بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم طرفان وفاقي وزيرن پاران گئس بحران ۽ لوڊشيڊنگ جو ذميوار هڪ ٻئي کي قرار ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته آئون دنيا کان پئسا گهري رهيو آهيان ۽ اوهان نقصان ڪري رهياآهيون، وزيراعظم لوڊشيڊنگ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟