اعظم سواتي جي استعيفيٰ ڪافي ناهي، معاملي کي 62 ون ايف تحت ڏسي رهيا آهيون: چيف جسٽس

1Shares

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت اڳوڻي وفاقي وزير اعظم سواتي جي اثاثن بابت جاچ جو معاملو فيڊرل بورڊ آف روينيو کي موڪليندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن مس ڊڪليريشن ثابت ٿي ته عدالت ان کي به ڏسندي ته اعظم اهل آهي يا نه؟. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ آءِ جي اسلام آباد بدلي بات پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اعظم سواتي جي وڪيل علي ظفر عدالت کي آگاهه ڪيو ته سندس موڪل پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اعظم سواتي صرف وزارت تان استعيفيٰ ڏني آهي، ان معاملي کي 62 ون ايف جي تحت ڏسي  رهيا آهيون. ان سان  گڏوگڏ چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا اعظم سواتي اسيمبلي ميمبر رهڻ جي اهل آهي؟ هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڃان به وزارت تي اعظم سواتي جو نالو هلي رهيو آهي. چيف جسٽس آءِ جي اسلام آباد عامر ذوالفقار سان ڳالهائيندي سوال ڪيو ته آءِ جي صاحب اوهان هينئر تائين ڇا ڇا ڪيو؟. آءِ جي اسلام آباد عدالت کي ٻڌايو ته اعظم سواتي جي پٽ عثمان سواتي، نجيب الله، جان محمد، فيض محمود ۽ جهانزيب خلاف ڪيس داخل ڪيو. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪو سمورو ڪرتا ڌرتا آهي ان جي خلاف ڪجهه نه ڪيو؟ ان لاءِ ته هو وڏو ماڻهو آهي؟. جسٽس ثاقب نثار وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته صرف هڪ فون نه ٻڌڻ تي آءِ جي بدلي ڪري ڇڏيو پوءِ مينهن به نه نڪتي. جنهن تي عدالتي معاون فيصل صديقي ٻڌايو ته جي آءِ ٽي لکيو آهي ته آءِ جي جي بدلي ۾ اعظم سواتي جو ڪردار ناهي، پر بدلي ان ئي ڏينهن ڪئي وئي جڏهن آءِ جي فون ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. ان موقعي تي چيف جسٽس آءِ جي اسلام آباد کي مخاطب ڪري چيو ته جيڪڏهن ماڻهن کي انصاف ناهي ڏيڻو ته ڪهڙي شئي جا آءِ جي لڳل آهيو. هن وڌيڪ چيو ته غريب ماڻهن کي ماريو ويو، اوهان کي چيو دادرسي ڪيو پر اوهان به ملي ويو. ان سان گڏ ئي اعظم سواتي جي معاملي جي رپورٽ اچڻ تائين ٻڌڻِ ملتوي ڪئي وئي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں